ملڪ کي پنهنجي ترقيءَ لاءِ نئين سر رخ کي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ کي پنهنجي ترقيءَ لاءِ نئين سر رخ کي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي رخ ڏانهن جيڪو جدت، شموليت ۽ پائيدار واڌ تي ٻڌل هجي ڇاڪاڻ ته ملڪ هن وقت پنهنجي معاشي ۽ انتظامي سفر جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي. اها ڳالهه هن”دي فيوچر سمٽ 2025، ڪورس ڪوريڪشن“ ري ڊيفائننگ دي …

ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ کي پنهنجي ترقيءَ لاءِ نئين سر رخ کي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي رخ ڏانهن جيڪو جدت، شموليت ۽ پائيدار واڌ تي ٻڌل هجي ڇاڪاڻ ته ملڪ هن وقت پنهنجي معاشي ۽ انتظامي سفر جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي. اها ڳالهه هن”دي فيوچر سمٽ 2025، ڪورس ڪوريڪشن“ ري ڊيفائننگ دي ڊائريڪشن جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چئي، جيڪا نٽ شيل گروپ ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته هي سمٽ بھترين وقت تي ٿي آهي ڇو ته سڄي دنيا جا ملڪ پنهنجي واڌ ويجهھ، حڪمرانيءَ ۽ سماجي معاهدن تي نظرثاني ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ معزز مهمانن، ماهرن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ پاليسي سازن کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو پاڪستان به هڪ اهڙي موڙ تي آهي جتي اسان کي پنهنجو رخ نئين سر طئي ڪرڻو پوندو، اهڙي طرف، جيڪو جدت، شموليت ۽ پائيداريءَ تي ٻڌل هجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اڳ ئي انڊسٽريل ۽ لاجسٽڪ بنيادن جي جديد ڪاري، آءِ ٽي پارڪن ۽ ٽيڪنالاجي زونز جي قيام، توانائيءَ جي منتقلي، شهري نئين سر تعمير ۽ انساني سرمائي ۾ سيڙپڪاري ذريعي تبديليءَ جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت اهڙا سڌارا آندا آهن جيڪي ڪاروباري عملن کي آسان ڪن ٿا، سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري کي مضبوط ڪن ٿا ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي کي پائيداري ۽ برابري جي اصولن سان هم آهنگ ڪن ٿا. وڏي وزير اهم منصوبن جهڙوڪ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽين، ڪراچي سيف سٽي، شاھراهه ڀٽو ۽ گرين انرجي منصوبن کي حڪومت جي عملي، اڳڀري ۽ عوام دوست سوچ جي عڪاسي قرار ڏنو. هن چيو ته سڀ کان اهم انفراسٽرڪچر انساني ذهن آهي جيڪو تعليم، ڊجيٽل ڄاڻ ۽ مهارتن سان ترقي ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو انهيءَ ڪري سنڌ اي ڊي بي انٽرنيشنل ايجوڪيشن اينڊ اسڪلز فورم جهڙين عالمي شروعاتن سان هم آهنگ ٿي رهي آهي ته جيئن اسان جو نوجوان نسل مستقبل جي معيشتن لاءِ تيار ٿي سگهي. هن دي فيوچر سمٽ جهڙن فورمن کي ساراهيندي چيو ته اهي پليٽفارم پاليسي، سرمائي ۽ تخليقيت کي ڳنڍين ٿا، عوامي ۽ نجي شعبي وچ ۾ تعاون ئي جدت ۽ قومي ترقيءَ جي ڪُنجي آهي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار ۽ نٽ شيل گروپ جي قيادت سان اهڙو ئي ماحول پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان کي گهربل آهي. وڏي وزير پنهنجي حڪومت جا چار بنيادي واعدا ٻيهر ورجائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن، اسٽارٽ اپس ۽ ترقياتي ادارن سان ڀائيواريون وڌيڪ مضبوط ڪندي، عملداري ۾ تيزي آڻڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ۽ غيرضروري رڪاوٽن کي گهٽائيندي. عورتن، نوجوانن ۽ پُٺ تي پيل طبقن جي شموليت کي يقيني بڻائيندي ۽ احتساب کي يقيني بڻائيندي، نتيجن جي ماپ، اڳڀرائي جي رپورٽنگ ۽ عالمي حڪمرانيءَ جي معيارن سان هم آهنگي پيدا ڪندي. هن چيو ته سنڌ صوبو نون خيالن، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نئين ڀائيوارين لاءِ کليل رهندو ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻون ٿا ته مستقبل انهن جو آهي، جيڪي جلدي پاڻ کي تبديل ڪن ٿا. آخر ۾ وڏي وزير شرڪت ڪندڙن کي اپيل ڪئي ته رڳو ڳالهين تائين محدود نه رهن پر گڏجي عملي قدمن لاءِ اڳتي وڌن. وڏي وزير چيو تھ سنڌ کي پاڪستان جي نئين بيانئي جو مرڪز بڻايو، اهڙو بيانيو جيڪو جدت، ايمانداري ۽ شموليت تي ٻڌل هجي. هن منتظمين کي اهڙو پليٽفارم تخليق ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني جيڪو اميد ۽ عمل جو جذبو پيدا ڪري ٿو.

مزید خبریں