دوحه - 05 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير صدر جي آجيان ڪندي سندس دوحه اچڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته قطر کي پاڪستان ۽ ان جي ڪاميابين تي فخر آهي. قطر جي امير پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ انهن …
صدر آصف علي زرداري جي دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات

مزید خبریں
دوحه – 05 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير صدر جي آجيان ڪندي سندس دوحه اچڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته قطر کي پاڪستان ۽ ان جي ڪاميابين تي فخر آهي. قطر جي امير پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ انهن جي انگ ۾ خاطرخواهه اضافو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر قطر جي امير کي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي قطر جي شاندار ترقي ۽ امير جي دورانديش قيادت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو جن جون پاڙون ايمان، گڏيل اعتماد ۽ امن، خوشحالي ۽ مسلمان امت جي ترقي جي لاءِ گڏيل خواهشن تي ٻڌل آهن. صدر مڪالمي ۽ انساني سفارتڪاري جي هڪ مرڪز جي طور تي قطر جي وڌندڙ عالمي ڪردار کي ساراهيو ۽ غزه جي ماڻهن جي لاءِ جنگبندي ۽ انساني امداد جي وڪالت ڪرڻ ۾ قطر جي امير جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي قطر جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي پاڪستان پاران شديد مذمت ۽ عالمي فورمز تي قطر جي خودمختياري جي لاءِ ان جي مسلسل سفارتي حمايت جو ذڪر ڪيو. قطر جي امير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تازي دفاعي معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو هڪ خوش آئنده ۽ وقت سر قدم آهي جيڪو اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته پاڪستان چين، اولهه ۽ نار رياستن سان هڪ ئي وقت اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار رکندڙ ملڪ جي طور تي هڪ منفرد مقام رکي ٿو. ٻنهي اڳوڻن سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر دفاعي ۽ دفاعي پيداوار ۾ تعاون وڌائڻ جي آڇ ڪئي جنهن جو قطر جي امير مثبت جواب ڏيندي چيو ته هو لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان سان فوري طور تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندو. صدر زراعت ۽ غذائي تحفظ ۾ تعاون وڌائڻ جي تجويز پڻ ڏني. صدر پاڪستان ۾ وڌندڙ قطري سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته قطر جي امير جي قيادت ۾ ٻطرفو تعاون وڌندو رهندو. هن قطر فنڊ فار ڊيولپمينٽ، ايجوڪيشن ابوو آل فائونڊيشن ۽ ٻين قطري انساني همدرديءَ جي قدمن کي پڻ ساراهيندي تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي اڳتي وڌائڻ تي شيخه موزه بنت ناصر ۽ شيخه المياسه بنت حمد الثاني کي خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري افغانستان تي گڏيل قومن جي قيادت هيٺ دوحه عمل جي اجلاسن جي ميزباني ۽ سهولت ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ۾ مئي 2023ع ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيندڙ پهرين ۽ ٻئي دور جا اجلاس پڻ شامل آهن جنهن انساني همدرديءَ، ترقي ۽ سلامتي جي معاملن تي عالمي رابطاڪاري جي حمايت ڪئي آهي. قطر جي امير ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجا موجوده مسئلا حل ڪري وٺندا ۽ تازي چئلينجز کان اڳتي وڌندا. صدر قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي علائقائي امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ قطر سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قطر جي امير دعوت قبول ڪندي صدر کي ٻڌايو ته هو ايندڙ سال جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قطر ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هئا.











