صدر آصف علي زرداري سان قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي آل ثاني جي ملاقات

دوحه - 05 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ٻي عالمي سماجي ترقي ڪانفرنس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي آل ثاني ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن، دفاعي تعاون ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري …

دوحه – 05 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ٻي عالمي سماجي ترقي ڪانفرنس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي آل ثاني ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن، دفاعي تعاون ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو ته ٻئي ملڪ دفاع، سلامتي، تربيت ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ گهري تعاون جي رشتي ۾ ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي فوج جي وچ ۾ موجود تعاون مسلسل مضبوط ٿي رهيو آهي. هن گڏيل فوجي مشقن، دفاعي ٽيڪنالاجي ۽ ماهرن جي مٽاسٽا جي ذريعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙا قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. قطر جي نائب وزيراعظم شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي آل ثاني پاڪستاني فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل دفاعي پيداوار ۽ تعاون تي ٻڌل منصوبن ۾ قطر جي دلچسپي ظاهر ڪندي چيو ته قطر مستقبل ۾ انهن منصوبن کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن افغان تڪرار ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ قطر جي ڪردار جي تسلسل جو پڻ يقين ڏياريو. صدر آصف علي زرداري قطر جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان دفاع ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ قطر سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جو قطر ۾ سفير پڻ موجود هئا.

مزید خبریں