خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سان سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وفد جي ملاقات

پشاور-05 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي سان گذريل ڏينهن سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وفد وڏي وزير علي محمد سهيل آفريدي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون، ملاقات ۾ پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ جي آزاد چرپر تي پابندين جو معاملو غور هيٺ آيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو …

پشاور-05 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي سان گذريل ڏينهن سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وفد وڏي وزير علي محمد سهيل آفريدي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون، ملاقات ۾ پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ جي آزاد چرپر تي پابندين جو معاملو غور هيٺ آيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته ڪنهن صوبي کي خوراڪ ۽ جنسن جي پهچ روڪڻ جو اختيار ناهي، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر عوام جي رزق تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير وفد کي خيبرپختونخوا جي عوام جو سفير قرار ڏنو، هن چيو ته ڪڻڪ جي مسئلي جي حل لاءِ بين الصوبائي هم آهنگي ضروري آهي. وفد ۾ سينيٽر دلاور خان، محسن عزيز، نسيمه احسان، ناصر محمود، هدايت الله خان، نياز احمد ۽ مصدق مسعود سميت ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار  مزمل اسلم، خوارڪ وارو سيڪريٽري شاهه محمود ۽ ٻيا عملدار به شريڪ هئا.

مزید خبریں