ڪوئٽه-5 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان لهڙي هائوس ۾ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن بابت صوبائي پارلياماني سيڪريٽري حاجي محمد خان لهڙي اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي ۽ صوبائي سياسي صورتحال، بلوچستان ۾ نوجوانن لاءِ ترقياتي موقعن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري مختلف منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ان موقعي تي حاجي محمد خان لهڙي رانا مشهود خان …
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان حاجي محمد خان لهڙي جي ملاقات

مزید خبریں
ڪوئٽه-5 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان لهڙي هائوس ۾ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن بابت صوبائي پارلياماني سيڪريٽري حاجي محمد خان لهڙي اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي ۽ صوبائي سياسي صورتحال، بلوچستان ۾ نوجوانن لاءِ ترقياتي موقعن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري مختلف منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ان موقعي تي حاجي محمد خان لهڙي رانا مشهود خان جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو. ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي روزگار، تعليم ، هنر ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو . حاجي محمد خان لهڙي چيو ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي سرمايو آهن . کين ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ خوشحالي ممڪن ناهي. هن رانا مشهود احمد خان کي بلوچستان جي نوجوانن لاءِ وڌيڪ منصوبا شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي . رانا مشهود احمد خان يقين ڏياريو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت بلوچستان جي نوجوانن کي خصوصي ترجيع ڏني ويندي ته جيئن کين هنر مند ۽ پاڻ ڀرو بڻائي سگهجي.











