اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي)مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جاري ترقياتي ڪمن ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ واري حتمي مرحلي جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد مري ايڪسپريس وي جو دورو ڪيو. مواصلات واري وزارت پاران جاري بيان موجب مواصلات واري وزير منصوبي جي مجموعي اڳڀرائي ۽ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي(اين ايڇ اي) جي ٽيم جي تعريف ڪئي جنهن اسلام …
مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران اسلام آباد مري ايڪسپريس وي جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي)مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جاري ترقياتي ڪمن ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ واري حتمي مرحلي جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد مري ايڪسپريس وي جو دورو ڪيو. مواصلات واري وزارت پاران جاري بيان موجب مواصلات واري وزير منصوبي جي مجموعي اڳڀرائي ۽ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي(اين ايڇ اي) جي ٽيم جي تعريف ڪئي جنهن اسلام آباد مري ايڪسپريس وي کي عالمي معيار موجب جديد شاهراهه ۾ تبديل ڪيو آهي. هن چيو ته اها شاهراه هر سال لکين سياحن کي ملڪ جي مشهور تفريحي ماڳ مري تائين وٺي ويندي آهي، ان کي وڌيڪ محفوظ ۽ آرامده سفر لاءِ جديد سهولتن سان تيار ڪيو ويو آهي. عبدالعليم خان ٻڌايو ته پوري ايڪسپريس وي تي جديد طرز جو لائيٽنگ سسٽم نصب ڪيو ويو آهي جنهن سان رات جي وقت سفر وڌيڪ محفوظ ۽ آسان ٿي ويو آهي. حفاظتي انتظامن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته موٽر وي پوليس جي مقرري سان ٽريفڪ جي وهڪري ۽ مسافرن جي رهنمائي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. مواصلات واري وزير چيو ته مسافرن جي سهولت لاءِ جديد ۽ مڪمل سهولتن سان سينگاري ريسٽ ايرياز به قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ وارو آهي ۽ ان جو باضابطا افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد ڪندو. عبدالعليم خان چيو ته اهو منصوبو ملڪ ۾ عالمي معيار جي انفراسٽرڪچر جي فراهمي، سياحت کي هٿي وٺائڻ ۽ عوام کي بهتر سفري سهولتون مهيا ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ظاهر ڪري ٿو جنهن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري آهي.











