فيصل آباد - 05 نومبر(اي پي پي) قومي بچت مرڪز جي انتظام ھيٺ 1500 ۽ 100 روپين جي ماليت جي قومي انعامي بانڊن جي قرعه اندازي 17 نومبر سومر ڏينھن صبح جو 9 وڳي ٿيندي. سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز جي ترجمان مطابق راولپنڊي جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ منعقد ٿيندڙ 1500 روپين جي ماليت جي انعامي بانڊن جي قرعه اندازي مجموعي طور 104 ھين قرعه اندازي آھي جنھن جو پھريون …
1500 ۽ 100 روپين جي ماليت جي قومي انعامي بانڊن جي قرعه اندازي 17 نومبر تي ٿيندي

مزید خبریں
فيصل آباد – 05 نومبر(اي پي پي) قومي بچت مرڪز جي انتظام ھيٺ 1500 ۽ 100 روپين جي ماليت جي قومي انعامي بانڊن جي قرعه اندازي 17 نومبر سومر ڏينھن صبح جو 9 وڳي ٿيندي. سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز جي ترجمان مطابق راولپنڊي جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ منعقد ٿيندڙ 1500 روپين جي ماليت جي انعامي بانڊن جي قرعه اندازي مجموعي طور 104 ھين قرعه اندازي آھي جنھن جو پھريون انعام 30 لک روپيا جو ھڪ، ٻيو انعام 10 لک روپين جا 3 ۽ ٽيون انعام 18500 روپين جي ماليت جا 1696 انعام آھن. ھن ٻڌايو ته مٿي ڏنل انعامي بانڊن جي سيريز تي ڪل 1700 انعام ڏنا ويندا. ھن ٻڌايو ته 100 روپين جي ماليت جي اسٽوڊنٽس ويلفيئر بانڊن جي قرعه اندازي به 17 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندي جنھن جو پھريون انعام 7 لک روپين جو ھڪ، ٻيو انعام 2 لک روپين جا 3 ۽ ٽيون انعام ھڪ ھزار روپين جي ماليت جا 1199 انعام ھوندا. ھن ٻڌايو ته اها مجموعي طور 52 ھين قرعه اندازي ھوندي. ھن ٻڌايو ته انعامي بانڊن جي قرعه اندازي جي تقريبن ۾ مختلف مڪتب فڪر جون اھم شخصيتون شرڪت ڪنديون.











