غير مسلم ملڪن مان ايندڙ زائرين لاءِ نسڪ حج ڊجيٽل پليٽ فارم تي رجسٽريشن شروع

رياض-05 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته حج 2026ع (1447 هه) لاءِ غير مسلم  ملڪن مان ايندڙ حج پانڌيئڙن لاءِ سرڪاري نسڪ حج ڊجيٽل پليٽ فارم تي باضابطه طور تي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حج واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج پانڌيئڙا هاڻي ڪنهن به سڌي ريت جي بغير سرڪاري نسڪ حج ڊجيٽل پليٽ فارم تي …

رياض-05 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته حج 2026ع (1447 هه) لاءِ غير مسلم  ملڪن مان ايندڙ حج پانڌيئڙن لاءِ سرڪاري نسڪ حج ڊجيٽل پليٽ فارم تي باضابطه طور تي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حج واري وزارت جو چوڻ آهي ته حج پانڌيئڙا هاڻي ڪنهن به سڌي ريت جي بغير سرڪاري نسڪ حج ڊجيٽل پليٽ فارم تي سڌيءَ ريت رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا نسڪ پليٽ فارم سڌي ريت حج پروگرام تحت رجسٽريشن جو واحد سرڪاري  پليٽ فارم آهي. اهو هڪ مربوط ڊجيٽل سسٽم آهي جيڪو حاجين جي سفر جي مختلف مرحلن کي آسان بڻائي ٿو جنهن ۾ رجسٽريشن کان وٺي حج پيڪيج جي چونڊ، ادائيگي، مڪي شريف ۽ مدينه منوره ۾ رهائش جي مختلف اختيارين ۽ ٽرانسپورٽيشن شامل آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ رجسٽريشن لاءِ اڪائونٽ ٺاهي سگهجن ٿا جڏهن ته پيڪيج جي چونڊ ۽ بڪنگ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو حج جا خواهشمند ( حج ڊاٽ نسڪ ڊاٽ ايس اي) تي پنهنجي ملڪ، رابطي جا تفصيل ۽ شناختي دستاويزن سميت معلومات درج ڪرائي سگهن ٿا.

مزید خبریں