پاڪ فوج جي انتظام هيٺ بنون، جاني خيل ۾ قبائيل جو جرڳو منعقد

اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جاني خيل ۾ امن ۽ امان جي قيام لاءِ جرڳي جو بندوبست ڪيو. پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميه جي انتظام هيٺ جرڳي ۾ جاني خيل جي قبائلي نمائندن ۽ مشيرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. تفصيل موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميران شاهه علائقي ۾ امن جي قيام لاءِ قبائلي اڳواڻن جي ڪردار جي آجيان ڪئي. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ چيو ته عوام …

اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جاني خيل ۾ امن ۽ امان جي قيام لاءِ جرڳي جو بندوبست ڪيو. پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميه جي انتظام هيٺ جرڳي ۾ جاني خيل جي قبائلي نمائندن ۽ مشيرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. تفصيل موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميران شاهه علائقي ۾ امن جي قيام لاءِ قبائلي اڳواڻن جي ڪردار جي آجيان ڪئي. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ چيو ته عوام جي تعاون سان علائقي ۾ امن ۽ ترقي جو سفر ڪاميابي سان جاري آهي، جرڳي ۾ جاني خيل جي قبائلي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي جي روڪٿام ۽ فلاحي ڪمن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. قبائلي اڳواڻن امن و امان جي حوالي سان پنهنجون تجويزون به پيش ڪيون. نمائندن ۽ جرڳي  جي شرڪت ڪندڙن حڪومت، انتظاميه ۽ سيڪيورٽي فورسز سان ڀرپور سهڪار جو ورجاءُ ڪيو. پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي عوام جي مدد سان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

مزید خبریں