اي اين ايف پاران خيبر ۾ منشيات جي خاتمي جي ڪامياب ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ

اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ضلع خيبر ۾ منشيات جي خاتمي جي ڪامياب ڪارروائي ڪئي آهي، تصديق ٿيل ڳجهي معلومات تي منشيات جي وڏي کيپ قبضي ۾ ورتي وئي. ذريعن موجب ضلع خيبر جي پٿريلي علائقي شاڪس ۾ لڪايل 144 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. هٿ آيل منشيات رات جي اونداهي ۾ ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اسمگل ٿيڻي هئي، هٿ آيل منشيات باڙه جي هڪ …

اسلام آباد -05 نومبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ضلع خيبر ۾ منشيات جي خاتمي جي ڪامياب ڪارروائي ڪئي آهي، تصديق ٿيل ڳجهي معلومات تي منشيات جي وڏي کيپ قبضي ۾ ورتي وئي. ذريعن موجب ضلع خيبر جي پٿريلي علائقي شاڪس ۾ لڪايل 144 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. هٿ آيل منشيات رات جي اونداهي ۾ ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اسمگل ٿيڻي هئي، هٿ آيل منشيات باڙه جي هڪ بدنام منشيات فروش گروپ جي ملڪيت آهي، جنهن جو واسطو تيره سان ملي ٿو. ذريعن موجب اي اين ايف جي ٽيم وقت سر ڪارروائي ڪندي 4 پروپلين بيگز هٿ ڪيا، پروپلين بيگ ۾ 120 پيڪٽ چرس جڏهن ته هر پيڪٽ جو وزن اٽڪل 1200 گرام آهي. واقعي جو ڪيس قانون موجب داخل ڪيو ويو آهي. اي اين ايف جي منشيات جي خاتمي واري ڪارروائي پاڪستان کي منشيات جي لعنت مان پاڪ ڪرڻ جي ڪوششن جو تسلسل آهي.  

مزید خبریں