چين جي وزيراعظم سان سربيا جي وزيراعظم جي ملاقات

شنگهائي _5 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان شنگهائي ۾ اٺين چائنا انٽر نيشنل امپورٽ ايڪسپو جي موقعي تي سربيا جي وزيراعظم ڊجوروماڪوٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق لي ڪي چيانگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ۾ چين ۽ سربيا جا لاڳاپا مضبوطي سان اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل سهڪار تيزي سان وڌي …

شنگهائي _5 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان شنگهائي ۾ اٺين چائنا انٽر نيشنل امپورٽ ايڪسپو جي موقعي تي سربيا جي وزيراعظم ڊجوروماڪوٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق لي ڪي چيانگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ۾ چين ۽ سربيا جا لاڳاپا مضبوطي سان اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل سهڪار تيزي سان وڌي رهيو آهي .چين سربيا جي ” سربيا 2035ع “ جي ترقياتي حڪمت عملي سان هم آهنگي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. چين جي وزيراعظم چيو ته چين سربيا سان گڏيل قومن سميت عالمي پليٽ فارمز تي ويجهي هم آهنگي ۽ سهڪار برقرار رکڻ چاهي ٿو ته جيئن سمورين ڌرين سان گڏجي چين جي پيش ڪيل چئن گلوبل انيشي ايٽوز تي عملدرآمد کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ حقيقي گهڻ رخي اصولن تي عمل درآمد ڪندي عالمي حڪمراني جي نظام کي بهتر ۽ مضبوط بڻائي سگهجي. سربيا جي وزيراعظم ڊجوروماڪوٽ چيو ته سربيا ۽ چين وچ ۾ پراڻي روايتي دوستي آهي ۽ هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن نمايان ترقي ڪئي آهي . چين جي صدر شي جن پنگ ۽ سربيا جي صدر ووچچ جي ڪامياب دورن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي تاريخي بلندين تائين پهچايو آهي . سربيا جي حڪومت ” هڪ چين “ جي اصول تي پختو يقين رکي ٿي ۽  چين جي بنيادي مفادن جي تحفظ بابت درست موقف جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي . هن سربيا جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي لاءِ چين طرفان فراهم ڪيل قيمتي سهڪار تي ٿورا مڃيا.