نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڊسڪوز جي نجڪاري جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊسڪوز جي نجڪاري جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي، نجڪاري واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ڊسڪوز کي نجڪاري جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، نجڪاري واري صلاحڪار، …

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊسڪوز جي نجڪاري جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي، نجڪاري واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ڊسڪوز کي نجڪاري جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، نجڪاري واري صلاحڪار، اين سي ايس آءِ ايف سي ۽ پاور ڊويزن، نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. نجڪاري واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ڊسڪوز کي نجڪاري جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. اهو عمل تفصيلي ڇنڊڇاڻ، احتياطي قدمن، ريگيوليٽري بهترين ۽ عالمي بهترين طريقن جي رهنمائي کانپوءِ مرحليوار طريقي سان سرانجام ڏنو ويندو. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته نجڪاري جو فريم ورڪ شفافيت کي يقيني بڻائي، عوامي مفاد جو تحفظ ڪري ۽ ڪارڪردگي حاصل ڪري.

مزید خبریں