ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته چين جي ترقي اسان سڀني لاءِ مثال آهي، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين سميت ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ قدمن کي …

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته چين جي ترقي اسان سڀني لاءِ مثال آهي، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين سميت ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. اهڙو اظهار هن سيڙپڪاري بورڊ، انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان رٿيل ٻه ڏينهن واري ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ويتنام، ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ بنگلاديش سميت ٻين مختلف ملڪن سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ سان معاشي ترقي حاصل ڪئي، انهن ملڪن سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهميءَ سان ترقي ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري کي راغب ڪري ملڪ مان غربت جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جو لائحه عمل اسان سڀني جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، چين جو مثال اسان آڏو آهي، چين 700 ملين ماڻهن کي غربت مان نجات ڏياري. وفاقي وزير چيو ته چين، ڪوريا ۽ جاپان جي دؤرن دوران مون ڏٺو ته هو ترقي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، انهن ملڪن جامع منصوبا بندي سان ترقي حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر ڪيو آهي. هن چيو ته وسيلن جي دستيابيءَ جي حوالي سان پاڪستان ڪنهن به ملڪ کان گهٽ ناهي، جڏهن ته اسان کي سيڙپڪاري ۾ واڌ جي ضرورت آهي ۽ هي ڪم اڄ کان پهرين ئي هئڻ گهرجي ها. هن چيو ته وفاقي وزير طور مون کي فخر آهي ته اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ۽ يقين آهي ته تمام جلد پنهنجن هدفن کي حاصل ڪري وٺنداسين جنهن سان نه صرف قومي روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي پر سماجي شعبي جي ترقي ۽ وسيلن جي دستيابيءَ سان عوام جي زندگي جي معيار ۾ پڻ نمايان بهتري ايندي ۽ ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي.

مزید خبریں