سرڪاري ملازمن جي هائرنگ ۾ 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي: رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي هائرنگ ۾ 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر سيد مسرور احسن، محسن عزيز ۽ پلوشه خان جي سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو ته بدعنواني ۾ ملوث فيڊرل گورنمنٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي جي چار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ …

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي هائرنگ ۾ 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر سيد مسرور احسن، محسن عزيز ۽ پلوشه خان جي سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو ته بدعنواني ۾ ملوث فيڊرل گورنمنٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي جي چار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ انهن خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل آهن. هن چيو ته فيڊرل گورنمنٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي ۾ ڪيترائي منصوبا التوا جو شڪار هئا. انهن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ لک 35 هزار آفيسرن کي انهن جون ادائيگيون يقيني بڻائي رهيا آهيون، سرڪاري ملازمن جي هائرنگ ۾ 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں