اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ڪويت نيوز ايجنسي (ڪونا) خبرن جي حصيداري ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون. زوم جي ذريعي منعقد هڪ ورچوئل تقريب دوران معاهدي تي صحيحون، ڪويت ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال، اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ ڪويت نيوز ايجنسي جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل محمد المنائي …
ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ڪويت نيوز ايجنسي (ڪونا) ۾ خبرن جي حصيداري ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ڪويت نيوز ايجنسي (ڪونا) خبرن جي حصيداري ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون. زوم جي ذريعي منعقد هڪ ورچوئل تقريب دوران معاهدي تي صحيحون، ڪويت ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال، اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ ڪويت نيوز ايجنسي جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل محمد المنائي کانسواءِ ٻنهي طرفن جي سينيئر عملدارن جي موجودگي ۾ ٿيون. سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال ٻنهي خابرو ادارن جي عهديدارن جو تعارف ڪرايو ۽ انهن کي پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن جي لاءِ هڪ ”تاريخي ڏينهن“ ۽ ميڊيا تعاون ۾ هڪ نئين دور جي شروعات تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن قابل اعتماد معلومات جو وهڪرو تمام ضروري آهي، مفاهمت نامي سان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن پيشيواراڻي صلاحيتن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عوامي سطح تي ماڻهن جي مٽاسٽا ۽ تربيتي پروگرامن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. ڪونا جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل محمد المنائي ان معاهدي کي ميڊيا ۽ صحافت جي تربيت ۾ گهري تعاون جي لاءِ هڪ گيٽ وي قرار ڏنو. هن تعاون ۽ حمايت تي پاڪستاني سفير جا ٿورا مڃيا ۽ هڪ پائيدار حصيداري جي اميد ظاهر ڪئي جنهن سان ثقافتي ۽ پيشيواراڻي مٽاسٽا کي پڻ هٿي ملندي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو ته دنيا هن وقت ”ميڊيا ۽ جوابي بيانيي) جي دور مان گذري رهي آهي، جتي اهڙي طرح جي حصيداري جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ وچ اوڀر جي ميڊيا تنظيمن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي پي پي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مفاهمت نامي سان ٻنهي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۽ صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.











