حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سڄي دنيا جا دروازا پاڪستان لاءِ کُلي ويا آهن: رانا مشهود احمد خان

ڪوئيٽه-04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سڄي دنيا جا دروازا پاڪستان لاءِ کُلي ويا آهن. بلوچستان ۾ زيتون ۽ مائنز ۽ منرل جي شعبن ۾ ڪاروبار جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ ليپ ٽاپ جي ڪوٽا 10 هزارن کان …

ڪوئيٽه-04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سڄي دنيا جا دروازا پاڪستان لاءِ کُلي ويا آهن. بلوچستان ۾ زيتون ۽ مائنز ۽ منرل جي شعبن ۾ ڪاروبار جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ ليپ ٽاپ جي ڪوٽا 10 هزارن کان وڌائي 18 هزار ڪري ڇڏي آهي، نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ ۾ ليبر فورس ۾ 35 سيڪڙو عورتن جي شموليت جي وفاقي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ هاڻ اسان جا نوجوان پاڻ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري پاڻ کي جاب ڪريئٽر بڻائي رهيا آهن. اها ڳالهه هن ڪوئيٽه چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي دؤري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي ڪوئيٽه چيمبر آف ڪامرس جو صدر حاجي ايوب مرياني، سينيئر نائب صدر حاجي اختر ڪاڪڙ، چوڌري نعيم ڪريم، خرم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. رانا مشهود احمد خان چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن مصنوعي ذهانت جي پاليسي جوڙي آهي. مڊل ايسٽ، يورپ، ڪوريا، ڪئنيڊا ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي هنرمند نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا کُلي رهيا آهن، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوٽيڪ فنڊ وڌائي ڇڏيا آهن، اسان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي ايندڙ 3 سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پهرين اي اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي. رانا مشهود احمد خان چيو ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ ٽيلنٽ جي ڪا کوٽ ناهي، هاڻ انهن نوجوانن کي پليٽ فارم ڏيڻ لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام ڪوششون ڪري رهيو آهي. وفاق ۽ صوبا گڏجي هلڻ سان پاڪستان ترقي ڪري سگهي ٿو. يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون لاءِ چيمبر آف ڪامرس سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، دشمن کي شڪست ڏيڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي علم ۽ هنر جي دولت سان مالامال ڪرڻو آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ليبر جي ضرورت پوندي، وزيراعظم ڊجيٽل يوٿ حب جو افتتاح ڪيو آهي جنهن تي 7 لک نوجوانن رجسٽريشن ڪرائي آهي، جنهن مان 70 هزار نوجوانن جو تعلق بلوچستان سان آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت هٿ پير ٻَڌي پاڪستان کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو پر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو. ان موقعي تي ڪوئيٽه چيمبر آف ڪامرس جي صدر حاجي محمد ايوب مرياني پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي ڪابينه رانا مشهود احمد خان کي ڪوئيٽه پهچڻ تي سووينيئر پيش ڪيو.

مزید خبریں