اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جا گڏيل مقصدن تي ٻَڌل پُراڻا ناتا آهن. بچاءَ واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي وقتي ناظم الامور نٽالي بيڪر ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار کي …
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جا گڏيل مقصدن تي ٻَڌل پُراڻا لاڳاپا آهن: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جا گڏيل مقصدن تي ٻَڌل پُراڻا ناتا آهن. بچاءَ واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي وقتي ناظم الامور نٽالي بيڪر ساڻس سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بچاءَ واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ استحڪام ۽ خوشحاليءَ جي گڏيل مقصدن تي ٻَڌل پُراڻا ناتا آهن. ڌُرين ٻه طرفن ناتن جي هاڪاري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن جي بحالي ۽ وڌندڙ گرمجوشيءَ کي ساراهيو. هن هڪ پُرامن، مستحڪم ۽ محفوظ افغانستان جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ افغان سرزمين سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ ٻه طرفي ناتن جي موجوده هاڪاري رفتار کي برقرار رکڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو.











