اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عضون جي عطيي جي رجحان کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن مستحق مريضن کي وقت سر علاج جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ عضون جي پيوندڪاري (آرگن ٽرانسپلانٽ) کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سموريون انتظامي ۽ …
وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ عضون جي پيوندڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عضون جي عطيي جي رجحان کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن مستحق مريضن کي وقت سر علاج جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ عضون جي پيوندڪاري (آرگن ٽرانسپلانٽ) کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سموريون انتظامي ۽ قانوني پيچيدگيون ختم ڪري عضون جي عطيي جي رجحان کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن مستحق مريضن کي وقت سر علاج جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. وفاقي وزير بون ميرو ٽرانسپلانٽ بابت موجوده قانونن کي آسان ۽ عمل جوڳو بڻائڻ جي پڻ هدايت ڏني ته جيئن بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي منظوريءَ ۾ درپيش ڏُکيائين کي گهٽ ڪري سگهجي. هن اجلاس کي خطاب ڪندي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائين ۽ آرگن ٽرانسپلانٽ جي نظام کي فعال ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته انساني جانين جي تحفظ لاءِ عضون جي عطيي کي هٿي وٺرائڻ قومي ۽ اخلاقي ذميداري آهي. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر هوٽا، ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ايڊمن ۽ صحت وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











