اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته بينچ ۽ بار انصاف جي هڪ ئي نظام جا ٻه بنيادي ٿنڀ آهن، عدالتي نظام جي اثرائتي ۽ وقت سر عملداريءَ لاءِ انهن وچ ۾ مستقل رابطا اڻٽر آهن، عدليه ۽ وڪيلن وچ ۾ سهڪار سان ئي انصاف جي فراهميءَ جي عمل کي وڌيڪ شفاف، منصفاڻو ۽ عوام دوست بڻائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه …
بينچ ۽ بار انصاف جي هڪ ئي نظام جا ٻه بنيادي ٿنڀ آهن: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته بينچ ۽ بار انصاف جي هڪ ئي نظام جا ٻه بنيادي ٿنڀ آهن، عدالتي نظام جي اثرائتي ۽ وقت سر عملداريءَ لاءِ انهن وچ ۾ مستقل رابطا اڻٽر آهن، عدليه ۽ وڪيلن وچ ۾ سهڪار سان ئي انصاف جي فراهميءَ جي عمل کي وڌيڪ شفاف، منصفاڻو ۽ عوام دوست بڻائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن (ايس سي بي اي) جي عهدو ڇڏيندڙ ۽ نئين چونڊيل ڪابينا سان ملاقات دوران ڪئي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب عهدو ڇڏيندڙ ڪابينه جي قيادت رئوف عطا ڪئي جڏهن ته نئين چونڊيل ڪابينه جي سربراهي هارون الرشيد ڪئي. چيف جسٽس نَون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون پيش ڪندي عهدو ڇڏيندڙ ڪابينه جي سهڪار ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري اداري جاتي سڌارن جو مقصد شفافيت، عوامي پهچ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻڻ آهي. چيف جسٽس ٻُڌايو ته پبلڪ فيسيليٽيشن سينٽر مرڪزي عدالت (پرنسپل سيٽ) ۽ سمورين برانچ رجسٽريز ۾ قائم ڪيون ويون آهن جتي وڪيل ۽ سائيلن کي هڪ ئي هنڌ تان ڄاڻ ۽ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته هي نظام مسلسل بهتري جي عمل ۾ آهي ۽ سمورين ڌُرين جي تعميري تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڪيسن جي ٻُڌڻي واضح پاليسي موجب مقرر ڪئي پئي وڃي، جيڪا سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي دستياب آهي، جڏهن ته جلد ٻُڌڻي جي درخواست تي ميرٽ جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته عدالت جي معاملن کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي ته جيئن خرچن ۾ گهٽتائي، شفافيت ۾ واڌ ۽ وڪيلن ۽ سائلين کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. چيف جسٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سپريم ڪورٽ آئيني حدن ۾ رهندي هاءِ ڪورٽس جي انتظامي ۽ عدالتي خودمختياري جو مڪمل احترام ڪري ٿي. چيف جسٽس خاطري ڪرائي ته سپريم ڪورٽ بار سان تعميري ۽ کُليل رابطا برقرار رکيا ويندا ۽ وڪيل برادري جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. عهدو ڇڏيندڙ ڪابينه چيف جسٽس جي سهڪار ۽ رهنمائي تي ٿورو مڃيو ۽ ان ڳالهه کي ساراهيو ته هن ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ وڪيلن سان ملاقات ذريعي بار جي مسئلن کي ويجهو کان سمجهيو. نئين چونڊيل ڪابينه خاطري ڏياري ته عدليه سان گڏجي انصاف جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ پهچ جوڳي بڻائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي چيف جسٽس عهدو ڇڏيندڙ ڪابينه کي شيلڊ پيش ڪئي جڏهن ته عهدو ڇڏيندڙ ڪابينه به چيف جسٽس کي يادگاري مومنٽو پيش ڪيو.











