اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1521.39 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161281.76 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 479 ڪمپنين جي 899.41 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 37.31 ارب رپيا هئي. 133 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 314 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 32 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 1521.39 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161281.76 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1521.39 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161281.76 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 479 ڪمپنين جي 899.41 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 37.31 ارب رپيا هئي. 133 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 314 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 32 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 502.39 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48994.95 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3070.89 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 231448.13 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 15.82 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 78873963 شيئرز، ٽيلي ڪارڊ لميٽيڊ 76863453 شيئرز ۽ ڪي اليڪٽرڪ 71623459 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ٽي پي ايل ڪارپوريشن، آئل بوائي انرجي لميٽڊ ۽ انٽر مارڪيٽ سڪيورٽيز لميٽيڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











