اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ اٽڪل 380 ملين ماڻهو غربت جو شڪار آهن ۽ خطو موسمياتي تبديلين جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڏي تعداد ۾ ٻار غذائي کوٽ ۽ تعليم کان محرومي کي منهن ڏئي رهيا آهن. هو اسلام آباد ۾ پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري جي 28هين …
ڏکڻ ايشيا ۾ اٽڪل 380 ملين ماڻهو غربت جو شڪار آهن: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ اٽڪل 380 ملين ماڻهو غربت جو شڪار آهن ۽ خطو موسمياتي تبديلين جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڏي تعداد ۾ ٻار غذائي کوٽ ۽ تعليم کان محرومي کي منهن ڏئي رهيا آهن. هو اسلام آباد ۾ پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري جي 28هين سالياني پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو موضوع ”اڀرندڙ دنيا ۾ جٽادار ترقي لاءِ غير مرتب ۽ مرتب پئمانو“ آهي. 4 ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ 45 کان وڌيڪ اجلاس ٿيندا جن ۾ پارليامينٽ ميمبر، معاشي ماهر، ماحوليات جا عالمي ماهر ۽ سفارتڪار شرڪت ڪري رهيا آهن.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هلندڙ سال سخت ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏنو، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي سان گڏوگڏ ڪجهه آبي جارحيت جا به اثر شامل آهن. نارو وال ۾ آيل ٻوڏ ان جو هڪ واضح مثال آهي. احسن اقبال چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ موجب جٽادار ترقي جا رڳو 17 سيڪڙو هدف درست رخ ۾ گامزن آهن. ان تناظر ۾ ڪلائميٽ فنانس جي منصفاڻي ورهاست نهايت ضروري آهي ته جيئن اسرندڙ ملڪ ان حوالي سان پنهنجا هدف حاصل ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم موسمياتي مسئلن کي معاشي مسئلا قرار ڏنو آهي ۽ حڪومت اڏام پاڪستان پروگرام تحت پاڻي، خوراڪ، تعليم ۽ روزگار جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. حڪومت تعليم کي هٿي وٺائڻ لاءِ ايجوڪيشن ايمرجنسي تحت جامع قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هر ٻار کي تعليم جو حق فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پنجن ترجيحن (فائيو ايز) تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن ۾ ايڪسپورٽ، انرجي، ماحول، برابري ۽ تعليم شامل آهن. هن خبردار ڪيو ته آبادي ۾ تيز رفتار اضافو هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن اسان آبادي ۾ اضافي تي ضابطو نه آندو ته وسيلن تي دٻاءُ وڌندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ سان پنهن جي معيشت کي مضبوط بڻائڻو پوندو ته جيئن جٽادار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ممڪن ٿي سگهي.











