افغانستان مان وڏي پيماني تي منشيات جي خيبرپختونخوا ۾ اسمگلنگ جو ڳٺ جوڙ بي نقاب

اسلام آباد - 04 نومبر (اي پي پي) افغانستان مان وڏي پيماني تي منشيات جي خيبرپختونخوا ۾ اسمگلنگ جو ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي ويو، افغانستان مان وڏي پيماني تي منشيات خيبرپختونخوا ۽ وادي تيراه ۾ اسمگل ٿيندي آھي. تفصيلن مطابق افغانستان ۾ موجود ڊرگ مافيا ۽ خوارج غيرقانوني سرگرمين جو حصو آھن، خيبر ۽ تيراه ۾ اٽڪل 12 ھزار ايڪڙن جي ايراضي تي منشيات پوکي ويندي آھي. ذريعن مطابق …

اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) افغانستان مان وڏي پيماني تي منشيات جي خيبرپختونخوا ۾ اسمگلنگ جو ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي ويو، افغانستان مان وڏي پيماني تي منشيات خيبرپختونخوا ۽ وادي تيراه ۾ اسمگل ٿيندي آھي. تفصيلن مطابق افغانستان ۾ موجود ڊرگ مافيا ۽ خوارج غيرقانوني سرگرمين جو حصو آھن، خيبر ۽ تيراه ۾ اٽڪل 12 ھزار ايڪڙن جي ايراضي تي منشيات پوکي ويندي آھي. ذريعن مطابق منشيات جي ان پوکي مان 18 کان 25 لک ايڪڙ منافعو حاصل ٿيندو آھي، منشيات مان ٿيندڙ ڪمائي جو ھڪ حصو خوارج کي ملندو آھي، خوارج منشيات جو پيسو ان غيرقانوني ڌنڌن کي تحفظ ڏيڻ ۽ دھشتگردي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن. مقامي ذريعن مطابق منشيات جي پوکي ڪندڙن کي سياسي سرپرستي حاصل آھي، پوليٽيڪل ٽيرر نيڪسس ۽ خوارج جي ڳٺ جوڙ سبب وادي تيراه ۾ آپريشن جي مخالفت ڪئي ويندي آھي، ھلندڙ سال خيبر ڊسٽرڪٽ ۾ 198 ماڻھو شھيد ۽ زخمي ٿيا، ان عظيم شھيدن جي ذميواري رڳو سياسي، ڪرمنل ۽ دھشتگردي جي ڳٺ جوڙ تي لاڳو ٿيندي آھي.

مزید خبریں