سينيٽر سليم ضيا اسٽيٽ لائف انشورنس جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين مقرر

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) واپار واري وزارت سينيٽر سليم ضيا کي اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سينيٽر سليم ضيا جو شمار ملڪ جي سينيئر ۽ تجربيڪار سياستدانن ۾ ٿيندو آهي. هو سنڌ ڪابينا ۾ وزير طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي ۽ ان کان اڳ پاڪستان مسلم …

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) واپار واري وزارت سينيٽر سليم ضيا کي اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سينيٽر سليم ضيا جو شمار ملڪ جي سينيئر ۽ تجربيڪار سياستدانن ۾ ٿيندو آهي. هو سنڌ ڪابينا ۾ وزير طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي ۽ ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نمائندگي ڪندي سينيٽ آف پاڪستان جو ميمبر به رهيو. نظم ۽ نسق اداري جاتي، پاليسي سازي ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن ۾ سندس جو وسيع تجربو اسٽيٽ لائف جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ شفاف بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت سندس تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.