وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پارليامينٽ لاجز جو 13 سال کان وڌيڪ التوا هيٺ بلاڪ جو دورو

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي)پارليامينٽ لاجز جو 2012ع کان التويٰ هيٺ نئون بلاڪ مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تعمير هيٺ بلاڪ جو دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا گهرو وزير کي منصوبي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبو مقرره ٽائيم فريم ۾ …

اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي)پارليامينٽ لاجز جو 2012ع کان التويٰ هيٺ نئون بلاڪ مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تعمير هيٺ بلاڪ جو دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا گهرو وزير کي منصوبي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبو مقرره ٽائيم فريم ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي انجنيئرنگ سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. گهرو وزير هدايت ڪئي ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سموري ڪم ۾ اعليٰ معيار کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ 3 شفٽن ۾ ڪم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. محسن نقوي چيو ته 2012ع کان رڪيل ان منصوبي جي تڪميل سان پارليامينٽ ميمبرن کي معياري رهائشي سهولتون ميسر ٿينديون. هن چيو ته پارليامينٽ لاجز سميت عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي ان جا ثمر وقت سر حاصل ٿي سگهن.