وفاقي گهرو وزير پاران قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

 اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش  ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيواراڻين صلاحيتن ۽ جرئت مندي سان 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته …

 اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش  ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيواراڻين صلاحيتن ۽ جرئت مندي سان 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته قوم فتنه الهندوستان جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ عزم کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي وڏي نيٽ ورڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو عبرتناڪ انجام چٽو پيغام آهي ته پاڪستان جي سر زمين تي اهڙن عنصرن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. هن چيو ته وطن عزيز جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاميابيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن.