پيانگ يانگ-4 نومبر(اي پي پي)اتر ڪوريا جي سپريم پيپلز اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين ڪم يونگ نام 97 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪوريا جي ورڪرز پارٽي (ڊبليو پي ڪي ) جو جنرل سيڪريٽري ۽ اتر ڪوريا جو صدر مملڪت ڪم جونگ ان گذريل ڏينهن صبح جو ڪم يونگ نام جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ورڪرز پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي، اتر …
اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪم يونگ نام 97 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
پيانگ يانگ-4 نومبر(اي پي پي)اتر ڪوريا جي سپريم پيپلز اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين ڪم يونگ نام 97 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪوريا جي ورڪرز پارٽي (ڊبليو پي ڪي ) جو جنرل سيڪريٽري ۽ اتر ڪوريا جو صدر مملڪت ڪم جونگ ان گذريل ڏينهن صبح جو ڪم يونگ نام جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ورڪرز پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي، اتر ڪوريا جي اسٽيٽ افيئرز ڪميشن، سپريم پيپلز اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۽ ڪابينه ڪم يونگ نام لاءِ سرڪاري اعزاز سان آخري رسمن جو اعلان ڪيو. رپورٽ مطابق قومي جنازه ڪميٽي 100 ماڻهن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڪم جونگ ان به شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم يونگ نام جي تدفين اڄ ٿيندي.








