ليما - 4 نومبر(اي پي پي)ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو اتان جي اڳوڻي وزيراعظم بيٽسي چاويز کي سياسي پناهه ڏيڻ تان ميڪسيڪو سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ اتان جي پرڏيهي وزارت گادي واري شهر ليما ۾ مقرر ميڪسيڪو جي معاملن واري ناظم الامور ڪارلا اور نيلاس کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان ڳالهه جو اعلان پيرو جي صدر جوس جيري سوشل ميڊيا پليٽ …
پيرو اڳوڻي وزيراعظم کي سياسي پناهه ڏيڻ تي ميڪسيڪو سان سفارتي لاڳاپا منقطع ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
ليما – 4 نومبر(اي پي پي)ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو اتان جي اڳوڻي وزيراعظم بيٽسي چاويز کي سياسي پناهه ڏيڻ تان ميڪسيڪو سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ اتان جي پرڏيهي وزارت گادي واري شهر ليما ۾ مقرر ميڪسيڪو جي معاملن واري ناظم الامور ڪارلا اور نيلاس کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان ڳالهه جو اعلان پيرو جي صدر جوس جيري سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪيو . هن چيو ته اسان پنهنجي وطن جي احترام جي اميد رکون ٿا. سفارتي لاڳاپن جي خاتمي سبب پيرو جي پرڏيهي وزارت ميڪسيڪو جي معاملن واري ناطم الامور ڪارلا اورنيلاس کي اطلاع ڏنو ته کيس جلد ملڪ ڇڏڻو پوندو. ان کان اڳ پيرو جي پرڏيهي وزير هيگو ڊي زيلا اعلان ڪيو هو ته پيرو ميڪسيڪو سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم بيسٽي چاويز جنهن تي بغاوت جي سازش جو الزام آهي، ان هن وقت ليما ۾ ميڪسيڪو جي سفارتخاني ۾ پناهه ورتي آهي.










