سيول-04 نومبر(اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي خرچ ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪرڻ ۽ دفاعي بجيٽ ۾ ڇهن سالن ۾ سڀ کان وڏو اضافو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ گذريل ڏينهن پارليامينٽ ۾ پنهنجي سالياني بجيٽ خطاب دوران ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي صدر چيو ته حڪومت مصنوعي ذهانت لاءِ 101 کرب وون (7 ارب …
ڏکڻ ڪوريا پاران مصنوعي ذهانت تي خرچ ۾ ٽيڻ تي واڌ، دفاعي بجيٽ ۾ تاريخي اضافي جو اعلان

مزید خبریں
سيول-04 نومبر(اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي خرچ ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪرڻ ۽ دفاعي بجيٽ ۾ ڇهن سالن ۾ سڀ کان وڏو اضافو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ گذريل ڏينهن پارليامينٽ ۾ پنهنجي سالياني بجيٽ خطاب دوران ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي صدر چيو ته حڪومت مصنوعي ذهانت لاءِ 101 کرب وون (7 ارب آمريڪي ڊالرز ) رکندي ته جيئن ڏکڻ ڪوريا کي دنيا جي ٽن وڏين اي آءِ طاقتن ۾ شامل ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان مصنوعي ذهانت جي دور جي شروعات لاءِ سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو ڪنداسين اها رقم هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ آهي. ڪل قومي بجيٽ 7280 کرب وون رکي وئي آهي. جيڪا هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 8.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب صدر لي جي ميونگ جي پارٽي کي پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل آهي ۽ ان بجيٽ جي منظور ٿيڻ جا امڪان روشن آهن. دفاعي بجيٽ ۾ 8.2 سيڪڙو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي جنهن سان ان جي ڪل رقم 663 کرب وون ٿي ويندي. اهو سال 2019ع کانپوءِ سڀ کان وڏو اضافو هوندو. ڏکڻ ڪوريا جي صدر چيو ته اسان پنهنجي روايتي هٿيارن جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪنداسين ۽ فوج کي هڪ ايليٽ ۽ سمارٽ فورس ۾ تبديل ڪنداسين. مصنوعي ذهانت جي شعبي لاءِ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 26 کرب وون صنعتي عوامي استعمال لاءِ ۽ 75 کرب وون تربيتي انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ رکيا ويندا. ڏکڻ ڪوريا سامسنگ اليڪٽرانڪس ۽ ايس ڪي هائنلس جهڙن ٻن عالمي ميموري چپ ساز ادارن جو ملڪ آهي جيڪو اي آءِ مصنوعات ۽ ان سان سلهاڙيل ڊيٽا سينٽرن لاءِ اهم چپس تيار ڪري ٿو. لي جي ميونگ واضح ڪيو ته ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي بجيٽ اتر ڪوريا جي سالياني مجموعي قومي آمدني کان 1.4 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ ملڪ عالمي عسڪري طاقت ۾ پنجين نمبر تي آهي.










