سنڌ سرڪار عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي، عورتن کي اپيل آهي ته اهي ڊرائيونگ لائسنس ٺھرائين، تربيتي ڪورسز ۾ حصو وٺن ۽ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ رجسٽريشن ڪرائن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته …

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي، عورتن کي اپيل آهي ته اهي ڊرائيونگ لائسنس ٺھرائين، تربيتي ڪورسز ۾ حصو وٺن ۽ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ رجسٽريشن ڪرائن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي طرفان عورتن کي مفت تربيت سان گڏ مفت لائسنس به ڏنا پيا وڃن، شاگردياڻين ۽ ملازمت ڪندڙ عورتن کي اسڪوٽيز ڏيڻ جو مقصد کين معمول جي سفري تڪليفن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پنڪ اسڪوٽيز واري منصوبي کي عوام طرفان غير معمولي موٽ ملي آھي، ڪيترين ئي عورتن ڊرائيونگ سکي، لائسنس حاصل ڪري پنهنجي روزاني مصروفيتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز حاصل ڪيون آھن. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته وڌ کان وڌ عورتون هن سهولت مان فائدو وٺن ۽ محفوظ، باوقار طريقي سان پنهنجو تعليمي ۽ پيشوراڻو سفر جاري رکن. پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس، اليڪٽرڪ بس سروس ۽ هاڻي پنڪ اسڪوٽيز جهڙن منصوبن جو مقصد شهرين کي سستي، محفوظ ۽ باوقار سفري سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور مضبوط بنائڻ صرف هڪ سرڪاري منصوبو نھ پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي ۽ انساني فلسفي جو حصو آهي. عورتن کي بااختيار بنائڻ پيپلز پارٽي جي نظرياتي سفر جو مرڪزي ٿنڀ آهي، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جو تسلسل آهي.

مزید خبریں