لاڙڪاڻو-04 نومبر (اي پي پي) هراسمينٽ جو شڪار نه صرف عورتون ٿين ٿيون پر مرد ملازم پڻ هراسمينٽ کان متاثر ٿين ٿا ۽ اهڙيون شڪايتون اڪثر ملنديون رهنديون آهن. اها ڳالهه ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر صوبائي (محتسب) سنڌ، ريجنل آفيس لاڙڪاڻو پاران سرسو آفيس ۾ هراسمينٽ جي عنوان تحت هڪ سيمينار سان خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سرڪاري آفيسون عوام کي …
هراسمينٽ جو شڪار نه صرف عورتون پر مرد ملازم پڻ ٿين ٿا: ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-04 نومبر (اي پي پي) هراسمينٽ جو شڪار نه صرف عورتون ٿين ٿيون پر مرد ملازم پڻ هراسمينٽ کان متاثر ٿين ٿا ۽ اهڙيون شڪايتون اڪثر ملنديون رهنديون آهن. اها ڳالهه ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر صوبائي (محتسب) سنڌ، ريجنل آفيس لاڙڪاڻو پاران سرسو آفيس ۾ هراسمينٽ جي عنوان تحت هڪ سيمينار سان خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سرڪاري آفيسون عوام کي سهولتون پهچائڻ لاءِ آهن ۽ اتي ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ سازگار ماحول هجڻ انتهائي ضروري آهي، صاف شفاف ماحول ملڻ سان ملازم بهتر خدمتون سر انجام ڏئي سگھندا. هن چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سندن ڪوٽا 15 سيڪڙو مقرر ٿيل آهي ۽ جيڪي عورتون مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن انهن کي مردن جي برابر حق حاصل آهن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ صنفي بنيادن تي ڪو فرق رکيو ويو يا هراسمينٽ ڪئي وئي ته اهڙي شڪايت ملڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هن ڊويزن جي مختلف آفيسن ۾ هراسمينٽ ڪميٽيون پڻ قائم آهن جن ۾ عورتون پڻ ان ڪميٽي جو حصو آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ملازم کي قانون خلاف برطرف ڪرڻ، سينارٽي لسٽ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ۽ پروموشن نه ڏيڻ تي صوبائي (محتسب) آفيس کي لکت ۾ شڪايت ڪئي ويندي ته ان درخواست جو ازالو ڪيو ويندو. سيمينار کي سرسو لاڙڪاڻو جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر سلطان احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.











