صدر آصف علي زرداري سان عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد جي ملاقات

دوحه / اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ سماجي ترقي جي لاءِ ٻئي عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي …

دوحه / اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ سماجي ترقي جي لاءِ ٻئي عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڌرين ڪاروباري رابطن ۾ اضافي ۽ ويزا سهولت جي ذريعي اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري پاڪستاني زائرين کي سهولت ڏيڻ ۾ عراق جي تعاون کي ساراهيو ۽ عراق ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ تعاون جو ذڪر ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خيرسگالي جي پُل جي طور تي ڪم ڪري ٿي. عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد صدر آصف علي زرداري کي عراق جي دوري جي دعوت ڏني. صدر آصف علي زرداري دعوت قبول ڪندي چيو ته هو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ عراقي پارلياماني چونڊن جي فوري پوءِ عراق جو دورو ڪندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن، استحڪام ۽ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قطر ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هُئا.