لاهور -4 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف تي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا الزام هنيا، اڄ اهو ئي شخص ڪرپشن جي ڪيسن ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ دهشتگردن جي حمايت ڪرڻ تي قوم آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خلاف هتڪ عزت ڪيس ۾ حقيقي …
باني پي ٽي آءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف تي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا الزام هنيا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
لاهور -4 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف تي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا الزام هنيا، اڄ اهو ئي شخص ڪرپشن جي ڪيسن ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ دهشتگردن جي حمايت ڪرڻ تي قوم آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خلاف هتڪ عزت ڪيس ۾ حقيقي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا ويا آهن، اميد آهي انصاف ملندو. سيشن هاءِ ڪورٽ لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران باني پي ٽي آءِ جي خلاف 10 ارب رپيا هرجاڻي جي دعويٰ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هو اڄ عدالت ۾ بطور گواهه پيش ٿيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف باني پي ٽي آءِ جي خلاف هتڪ عزت جو ڪيس جولاءِ 2017ع ۾ داخل ڪيو هو، پر باني پي ٽي آءِ جا وڪيل اڃا تائين 120 ڀيرا التوا گهري چڪا آهن. اڄ به ان جا وڪيل موجود نه هئا، انهن وٽ نه چوڻ جي لاءِ ڪجهه آهي نه ثبوت آهن. هن چيو ته محمد شهباز شريف جون سياسي خدمتون پوري قوم آڏو آهن، هو 1988ع کان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير ۽ ٻه ڀيرا وزيراعظم رهيو. محمد شهباز شريف سدائين عوامي خدمت ڪئي آهي، ترقي تي يقين رکي ٿو ۽ پوري زندگي قوم جي خدمت ۾ گذاري. وفاقي وزير چيو ته ٻاهرئين ملڪ به ڪوڙي بيانيي کي شڪست ٿي، هڪ غيرملڪي عدالت به عمران نيازي کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ ڏنڊ هنيو. اهو شخص ادارن جي خلاف به پروپئگنڊه ڪندو رهيو ۽ دهشتگرد احسان الله احسان کي انٽرويو ڏنو، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ اهڙو عمل قابل قبول نه آهي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته بلدياتي نظام تي مڪمل يقين آهي ۽ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. ماضي ۾ وائيس چيئرمينز هن ئي شهر ۾ احتجاج ڪيو هو، اسان ترميم ڪري انهن کي حق ڏياريا. امڪاني 27هين آئيني ترميم جي ذڪر تي هن ٻڌايو ته ترميم جي ذريعي عدليه جي اداراجاتي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ تي مشاورت جاري آهي. اسان آئيني بئنچ کان آئيني ڪورٽ طرف وڌي رهيا آهيون ته جيئن انصاف جو نظام بهتر ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ عدالت اچڻ جي لاءِ مون اهو ئي رستو استعمال ڪيو جيڪو عام سائلين جي لاءِ آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت قانون جي حڪمراني، معاشي بحالي ۽ سياسي استحڪام جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. اسان عدالت ۾ سچ رکيو آهي. هن چيو ته معيشت مستحڪم ٿي آهي، پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي تازي بيان ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز تي ردعمل ۾ چيو ته حقيقتون مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاڻ ڪور ڪمانڊر هائوس وڃڻ جي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪئي جڏهن ته زمان پارڪ جي جدا وڊيو به رڪارڊ تي موجود آهي. ٻنهي وڊيوز کي ڄاڻي واڻي مُنجهائي ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي ۽ ڪنهن به جوابدار جو ٽرائل ان بنياد تي نه ٿو رڪجي سگهي ته هو ڪنهن عهدي تي فائز آهي. وڏو وزير هجي يا عام شهري، قانوني ڪارروائي هر حال ۾ ٿئي ٿي. ان کان اڳ لاهور سيشن عدالت وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران باني پي ٽي آءِ جي خلاف 10 ارب رپيا هرجاڻي جي دعويٰ ڪيس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي شهادت قلمبند ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج يلماز غني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڱاري ڏينهن ٻڌڻي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بطور گواهه پيش ٿيو ۽ پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو. ٻڌڻي جي شروعات تي باني پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل سينيئر وڪيل محمد حسين جي غير موجُودگيءَ جي بنياد تي گواهي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جرح بعد ۾ ڪري وٺجو، اڄ اسان بيان قلمبند ڪري وٺون ٿا. عدالت گذارش رد ڪندي ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. عطاءُ الله تارڙ حلف کڻي شاهدي قلمبند ڪرائيندي عدالت ۾ بيان ڏنو ته مدعي وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ معزز ۽ باوقار سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ سندس سياسي خدمتن کان پوري دنيا واقف آهي. هن شهباز شريف جي مختلف چونڊن ۾ ڪاميابين ۽ سرڪاري عهدن تي رهڻ جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا، جن تي باني پي ٽي آءِ جي وڪيل اعتراض اٿاريو ته اهي دستاويز گواهه بابت نه آهن، جڏهن ته عدالت اعتراض بعد ۾ ڏسڻ جو چئي دستاويز رڪارڊ تي وٺي ڇڏيا. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ 8 اپريل 2017ع تي هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ محمد شهباز شريف تي پاناما ڪيس واپس وٺڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ جو ڪوڙو الزام هنيو جيڪو بعد ۾ مختلف ٽي وي پروگرامز، جلسن ۽ پشاور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ عوامي ميڙن دوران پڻ ورجايو ويو. هن وڊيو ڪلپس ۽ اخباري سرخيون پڻ عدالت ۾ پيش ڪيون جن تي باني پي ٽي آءِ جي وڪيل اعتراض ڪيو ته اهو مواد گواهه جو ذاتي نه آهي، جڏهن ته عدالت اعتراض رد ڪندي رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عطاءُ الله تارڙ بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته ڪوڙن الزامن سان شهباز شريف جي ذاتي ساک ۽ قومي ۽ عالمي سطح تي سندس عزت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي اجازت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته باقي ڪاغذ ٻين گواهن سان گڏ جمع ڪرايا وڃن. عدالت شهادت قلمبند ڪرڻ کانپوءِ عطاءُ الله تاڙڙ کي ايندڙ ٻڌڻي تي جرح جي لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











