پاڪستان پاران ڊيجيٽل ۽ صنعتي ترقي طرف اهم ڪاميابي حاصل

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڊيجيٽل ۽ صنعتي ترقي طرف اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، پاڪستان حڪومت ۽ گوگل گڏيل طور تي ڊيجيٽل تبديلي جو سنگ ميل عبور ڪري ورتو جنهن جي پهرين ڪروم بڪ اسيمبلي لائين جي شروعات ۽ پاڪستان ۾ مضبوط مقامي موجودگي جي لاءِ ان جا منصوبا شامل آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري …

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڊيجيٽل ۽ صنعتي ترقي طرف اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، پاڪستان حڪومت ۽ گوگل گڏيل طور تي ڊيجيٽل تبديلي جو سنگ ميل عبور ڪري ورتو جنهن جي پهرين ڪروم بڪ اسيمبلي لائين جي شروعات ۽ پاڪستان ۾ مضبوط مقامي موجودگي جي لاءِ ان جا منصوبا شامل آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت، دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي گوگل ۽ ان جي پارٽنر ٽيڪ ويلي جي تعاون سان وزيراعظم هائوس جي آڊيٽوريم ۾ پاڪستان جي پهرين ڪروم بڪ اسيمبلي لائين جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي قومي ڊيجيٽل تبديلي جي ايجنڊا جي رهنمائي ڪندڙ وزيراعظم جي ويزن ۽ قيادت سان حڪومت ڊيجيٽل شموليت ۽ اي آءِ جي لاءِ تيار پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهي جنهن کي اسان فخر سان ڊيجيٽل نيشن پاڪستان چئون ٿا، اهو ويزن اسان جي نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتن سان بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي جديد ٽولز سان ليس ڪرڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ گوگل جي پاڪستان ۾ مقامي طور تي موقعن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي مقامي سطح تي پهچ کي يقيني بڻائي ٿو، اهو قومي فخر جو لمحو آهي ۽ اسان جي ملڪ جي ڊيجيٽل صلاحيت جي هڪ طاقتور توثيق جو اهو سنگ ميل اسان جي ڊيجيٽل معيشت جي لاءِ هڪ اهم قدم جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن سان پاڪستان جي اختراعي ماحولياتي نظام کي سگهه ملي ٿي ۽ اسان جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ٽيڪنالاجي جي منظرنامي تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي ڊيجيٽل تبديلي جو اهم لمحو آهي، وزيراعظم جي ڊيجيٽل نيشن ويزن موجب اسان پنهنجي نوجوانن کي مهارتن ۽ اوزارن سان بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ گهريلو هارڊ ويئر کي پڻ تيار ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان جي نوجوانن کي مهارتن ۽ اوزارن سان هم آهنگ ڪري سگهجي، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ مقامي طو رتي اسيمبل ٿيل سستي ڪروم بڪس کي گڏ آڻيندي مستقبل جي لاءِ اي آءِ فعال ڊيجيٽل نيشن جي اسان جي هدف کي اڳتي وڌائي ٿو. دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات ان قدم جي صنعتي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته دفاعي پيداوار واري وزارت پنهنجي هڪ اداري جي طور تي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن پاڪستان ۾ پهرين ڪروم بڪ اسيمبلي لائين قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪيو آهي، اهو گڏيل منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، مقامي معيشت کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اندر ڊيجيٽل ورڇ ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. گوگل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فرحان قريشي چيو ته اسان ماڻهن، مهارتن ۽ جدت ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرجوش آهيون ته جيئن ملڪ جي وسيع صلاحيت کي کولڻ ۽ اي آءِ سان هلندڙ ان معيشت ۾ هڪ جامع ڊيجيٽل مستقبل جي تعمير ۾ مدد ملي، جيئن جيئن اسان جو ڪم پاڪستان ۾ وڌندو پيو وڃي اسان هتي مضبوط مقامي موجودگي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو جدت، حصيداري ۽ اقتصادي موقعن جي لاءِ هڪ نوڊ جي طور تي ڪم ڪندو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب (ناڻي)، احسن اقبال (منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدم)، شزه فاطمه خواجه (انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن) ۽ محمد رضا حيات هراج (دفاعي پيداوار)، سيڙپڪاري بورڊ جي وزير قيصر شيخ، پنجاب جي تعليم واري وزير، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر، سنڌ جي آءِ ٽي واري وزير علي رشيد ۽ آءِ ٽي واري سيڪريٽري ضرار هشام خان سميت سينيئر حڪومتي ۽ صنعتي قيادت شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آمريڪي سفارتخاني جي وقتي ناظم الامور نٽالي بيڪر ۽ ڊيجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جو خاص معاون فهد هارون پڻ موجود هئا. ٽيڪنالاجي پارٽنرز پاران گوگل فار ايجوڪيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪيون ڪيلز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گوگل، ٽيڪ ويلي، الائيڊ آسٽريليا، اين آر ٽي سي جا نمائندا، ايس آءِ ايف سي ۽ آءِ ٽي اينڊ ٽيليڪام واري وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا. اهو قدم پاڪستان جي سافٽ ويئر جي جدت کان وٺي مقامي هارڊ ويئر جي پيداوار تائين جي سفر ۾ تاريخي اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري ٿو. ان قدم جو مقصد شاگردن، معلمين ۽ پيشيور ماڻهن کي جديد ڊيجيٽل ٽولز سان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سستي، محفوظ ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ڪروم بڪس فراهم ڪرڻ آهي. نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن (اين آر ٽي سي) هريپور سهولت تي ٻڌل نئين اسيمبلي لائين 2026ع تائين ساليانو 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندي. اهي اوزار عالمي معيار جا، محفوظ ۽ سستا هوندا خاص طور تي تعليمي ۽ پبلڪ سيڪٽر جي استعمال جي لاءِ موزون هوندا. 30 سالن کان گهٽ عمر جي 64 سيڪڙو آبادي سان اهو قدم نوجوانن کي مستقبل جي لاءِ تيار هنر سان ليس ڪرڻ جي قومي ڪوششن جي سڌوسنئون حمايت ڪري ٿو. اهو گوگل جي جاري ڊيجيٽل پروگرامن جي تڪميل ڪري ٿو جيڪي اڳ ۾ ئي 10 لک پاڪستانين کي تربيت ڏئي چڪا آهن. ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ کانسواءِ اهو منصوبو روزگار پيدا ڪندو، مقامي ٽيڪنيڪي ماهرن کي تربيت ڏيندو ۽ وسيع تر اقتصادي ترقي ۾ حصو وجهندو. تقريب دوران گوگل مقامي ڪاروبارن کي زميني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مقامي موجودگي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي منصوبن جي نقاب ڪشائي ڪئي جنهن سان انهن کي آپريشنز کي وڌائڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچڻ ۾ مدد ملندي. اهو ملڪ جي ڊيجيٽل سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. اهو فيصلو پاڪستان جي ٽيڪنالاجي جي صلاحيت ۽ پاڪستان حڪومت جي فعال ڊيجيٽل تبديلي جي ايجنڊا تي گوگل جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي قيادت آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت، دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ڪري ٿي. پاڪستان هڪ اهم موڙ تي آهي جيڪو پنهنجي مقامي ٽيل ايڪو سسٽم کي ترقي ڏئي ۽ ڊيجيٽل مهارت جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڻ کي هڪ وڏي برآمدي مرڪز جي طور تي پيش ڪري رهيو آهي. ماهرن جو منصوبو آهي ته موبائيل ايپس، ڊيجيٽل سروسز ۽ سرحد پار اي ڪامرس کي وڌائڻ سان 2030ع تائين برآمدي ڪاٿي ۾ 6.6 ارب ڊالر جو اضافو ٿي سگهي ٿو. ڪروم بڪ اسيمبلي لائين ۽ گوگل جي مقامي آفيس جهڙا قدم نوجوان پاڪستانين جي صلاحيتن ۽ مستقبل جي موقعن جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اين آر ٽي سي هريپور ۾ ڪروم بڪ اسيمبلي لائين مقامي مينوفيڪچرنگ، سپلاءِ چين جي ترقي ۽ صنعتي صلاحيت کي فروغ ڏيندي جيڪا سڌوسنئون وزيراعظم جي ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ويزن ۽ نيشنل اي آءِ پاليسي جي مقصدن جي حمايت ڪندي. اها حصيداري پاڪستان جي جديد ماحولياتي نظام تي عالمي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ملڪ ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ عالمي تعاون جي لاءِ کليل آهن.