وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا جي ملاقات

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين محمد علي رنڌاوا ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ گادي واري شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي ڊي اي چيئرمين وقتي صدر کي وفاقي گادي واري شهر ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ بنيادي ڍانچي جي اهم …

اسلام آباد -4 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين محمد علي رنڌاوا ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ گادي واري شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي ڊي اي چيئرمين وقتي صدر کي وفاقي گادي واري شهر ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ بنيادي ڍانچي جي اهم منصوبن جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. وقتي صدر هدايت ڪئي ته 11 ۽ 12 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته ان ڪانفرنس دوران سڄي دنيا جا پارلياماني ليڊر هتي موجود هوندا اهڙا قدم کنيا وڃن جو گادي وارو شهر پاڪستان جي مهمان نوازي ۽ تنظيمي ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪري.