راولپنڊي-03 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ٻن ڌار ڌار ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 3 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ويجهو پاڪستان – افغان سرحد جي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ خوارجين جي هڪ گروهه جي چرپر جو بروقت وقت پتو لڳايو، سيڪيورٽي فورسز ان گروهه …
سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخوا ۾ مختلف ڪارروايون، 3 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-03 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ٻن ڌار ڌار ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 3 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ويجهو پاڪستان – افغان سرحد جي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ خوارجين جي هڪ گروهه جي چرپر جو بروقت وقت پتو لڳايو، سيڪيورٽي فورسز ان گروهه کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو. درست ۽ مهارت سان ڪيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 2 خوارجي مارجي ويا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مارجي ويل خوارجين ۾ هڪ جي سڃاڻپ افغان شهري خارجي قاسم جي نالي سان ٿي جيڪو افغان بارڊر پوليس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ٽانڪ جي ضلعي ۾ ڪيل هڪ ٻي ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ هڪ ٻي خوارجي کي ڪاميابي سان ماري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ اڪرام الدين عرف ابود جانه طور ٿي آهي جيڪو هڪ افغان شهري هو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهي واقعا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته افغان شهري پاڪستان اندر معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث آهن. پاڪستان هميشه عبوري افغان حڪومت کان مطالبو ڪندو آيو آهي ته هو پنهنجي طرفان موثر سرحدي نگراني يقيني بڻائي، پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪري ۽ افغان سرزمين کي خوارجين جي استعمال ۽ پنهنجي شهرين جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ شموليت کان پري رکي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهن. علائقي ۾ ڀارتي حمايت يافته ڪنهن به خارجي جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن جي ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وفاقي ايپڪس ڪميٽي طرفان منظور ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت جاري ويزن ”عزم استحڪام“ موجب پنهنجي دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري قوت سان جاري رکندا ته جيئن پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي فتني کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪري سگهجي.











