قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، افغانستان ۾ آيل زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي پيغام ۾ هن زلزلي ۾ فوتين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ متاثرن سان مڪمل يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامان ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙي ۾ افغان …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، افغانستان ۾ آيل زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي پيغام ۾ هن زلزلي ۾ فوتين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ متاثرن سان مڪمل يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامان ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙي ۾ افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسپيڪر زلزلي ۾ فوتين جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.