توانائي جي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيا آهيون: وفاقي وزير سردار اويس لغاري

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيا آهيون، توانائي جي شعبي جي فني مسئلن کي حل ڪري اربين روپين جي بچت ڪئي، گذريل 18 مهينن ۾ بجلي جي قيمت ۾ 10.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جتي موقعو مليو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيا آهيون، توانائي جي شعبي جي فني مسئلن کي حل ڪري اربين روپين جي بچت ڪئي، گذريل 18 مهينن ۾ بجلي جي قيمت ۾ 10.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جتي موقعو مليو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، هاڻي حڪومت بجلي نه خريد ڪندي، هڪ سال ۾ گردشي قرضن ۾ 700 ارب روپين جي گهٽتائي آندي، آٽوميٽڪ ميٽرنگ ۾ صارفين کي پري پيڊ جي سهولت ميسر هوندي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ آءِ ٽي واري وزير شزه فاطمه خواجه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته مهانگي بجلي جا ڪيترائي سبب هئا، موجوده پاور جنريشن اندر سڄي ايڊيشن گذريل سالن ۾ ايس ڊي ڊالرز ۾ هئي، روپئي جو اگهه 100 روپين کان 285 تائين ويو، انٽرسٽ ريٽس مٿي وڃڻ سان ڪنزيومر تي بار پيو ۽ اسان جي ڪيپسٽي پيمنٽس جي شيئر ۾ اٽڪل 8 روپيا في يونٽ اضافو ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته صارفين لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي وڃي، گذريل 18 مهينن اندر بجلي جي قيمت ۾ اٽڪل 10.5 روپيا في يونٽ جي لاٿ ڪئي، انڊسٽري لاءِ 26 روپيا في يونٽ فراهم ڪرڻ شروع ڪئي ۽ انڊسٽري لاءِ اٽڪل 16 روپيا في يونٽ اندر گهٽتائي آندي. هن چيو ته سي ڊي پي سي ايم ان جو آپريشنلائيز ڪرڻ پاڪستان جي تاريخ اندر سڀ کان وڏو رفارم ثابت ٿيندو جنهن کي جنوري، فيبروري ۾ آپريشنلائيز ڪيو پيو وڃي، جيڪو 20 سالن کان هر حڪومت ڪوشش ڪري رهي هئي، موجوده ڪابينا اهو رفارم ڪري ڏيکاريو، ان جو مطلب هي آهي ته ايندڙ حڪومت بجلي خريد نه ڪري سگهندي. هن چيو ته اسان جي مٿان 7 ارب روپيا واڌو بار هو، ايڪسٽرا اسان پگهارون ڏئي رهيا هئاسين، ڊيٽ پلانٽس کي آڪشن آٽ ڪيو، الحمد الله 17 يونٽ آڪشن ٿي چڪا آهن، پهريون ڀيرو تاريخ اندر 1.2 کرب رپين جي سيڪولرڊيٽ کي ختم ڪيو، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي نقصانن کي هڪ سال اندر 193 ارب روپيا گهٽ ڪيو، هي اهي سڌارا آهن جيڪي بهتر گورننس، بنا سفارش جي بورڊ ميمبرن کي انڊڪٽ ڪري آيا، اٽڪل 80 ارب روپيا ساليانو نقصان صرف ڪوئيٽا اليڪٽرڪ ڪمپني جي ٽيوب ويلن تان ايندو هو، 27 هزار ٽيوب ويلن جا مالڪ بجلي استعمال ڪري رهيا هئا، پر بجلي نه ڏئي رهيا هئا، فيڊرل گورنمينٽ ساڍا 38 ارب روپيا انويسٽ ڪيا، صوبائي حڪومت ساڍا 16 ارب روپيا ڪيا ۽ انهي سال اسان 40 ارب روپين جي رڪوري ان مان ڪري سگهنداسين، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان جو پورو لينڊ اسڪيپ، ميٽرائيزيشن جو نه رڳو فيڊرز پر هر ٽرانسفارمر ۽ هر ميٽر سنگل فيز هجي يا ٿري فيز سمورن ميٽرز جي آٽوميٽڪ گڏجاڻي ٿيندي جتي پري پريڊ سروسز جي سهولت اسان جي ڪنزيومر کي ميسر هوندي. وفاقي وزير چيو ته توانائي جي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪري رهيا آهيون، جتي موقعو مليو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته توانائي جي شعبي جي فني مسئلن کي حل ڪري اربين روپين جي بچت، نيٽ ميٽرنگ جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي تي غور ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته آءِ پي پيز بابت ٽاسڪ فورس نمايان ڪم ڪيو ۽ هاڻي حڪومت بجلي خريد نه ڪندي. ان کانسواءِ گردشي قرضن جي خاتمي بابت موثر پلان بڻايو آهي، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ 1200 ارب روپين جي قرض جو معاهدو ڪيو آهي، هڪ سال ۾ گردشي قرضن ۾ 700 ارب روپين جي گهٽتائي آندي آهي. اويس لغاري چيو ته آٽوميٽنگ ميٽرنگ ۾ صارفين کي پري پيڊ جي سهولت به ميسر هوندي. هن چيو ته پي پي ايم سي کي هڪ ٽيڪينڪل ارم ڊڪليئر ڪيو، بهترين پگهارون ڏنيون، پي پي ايم سي جي اداري سبب هن وقت تائين اسان ڪيترن ئي اربر روپين جي بچت ڪري چڪا آهيون، اين ٽي ڊي سي جي اين جي سي ڌار هڪ ڪمپني بڻجي چڪي آهي ۽ سمورن منصوبن جي مقرر وقت تي پڄاڻي يقيني بڻائي ويندي.