ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عائشه باواني اسڪول سندس شخصيت جوڙڻ ۾ هڪ بنيادي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، هي ادارو رڳو علم نه پر ڪردارسازي ۽ قومي خدمت جي جذبي جي آبياري جو مرڪز بڻجي رهيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ پروفيسر احسن اقبال چيو ته عائشه باواني اسڪول ڪراچي جو دورو …
پروفيسر احسن اقبال پاران عائشه باواني اسڪول ڪراچي جو دورو

مزید خبریں
ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عائشه باواني اسڪول سندس شخصيت جوڙڻ ۾ هڪ بنيادي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، هي ادارو رڳو علم نه پر ڪردارسازي ۽ قومي خدمت جي جذبي جي آبياري جو مرڪز بڻجي رهيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ پروفيسر احسن اقبال چيو ته عائشه باواني اسڪول ڪراچي جو دورو سندس زندگي جو هڪ نهايت گهرو ۽ يادگار لمحو هو. اٽڪل 60 سالن کانپوءِ ان تعليمي اداري ۾ واپس وڃڻ جتي هن پهرين کان چوٿين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪئي، سندس ننڍپڻ جي انمول يادن کي تازو ڪري ويو. کيس اهي ڏينهن چڱي طرح ياد آيا جڏهن هو شاهراهه فيصل تي چين جي وزيراعظم چواين لائي (1966ع) جي استقبال جي موقعي تي پاڪستان ۽ چين جا جهنڊا کڻي بيٺل هو. اهڙي طرح مصر جي ناليواري قاري عبدالباسط جي قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ جا روحاني لمحا ۽ قومي بواءِ اسڪائوٽس جمبوري (1967ع) ۾ فخر سان شرڪت جا يادگار جا منظر به ذهن ۾ تري آيا.هن چيو ته اسڪول جون راهدارين ۽ ڏاڪڻين تي بيهي ايئن محسوس ٿيو جهڙوڪ سندس ننڍپڻ اڄ به اتي موجود آهي، پنهنجي والد جو انتطار ڪري ٿو، هي اهي سادا پر انمول لمحا آهن جن کي وقت ڪڏهن به مٽائي نٿو سگهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اهي ڏينهن نه رڳو سندس ذاتي زندگي جا جذباتي لمحا هئا پر تعليم، تربيت ۽ ڪردار سازي جي ان بنيادي ادارن جي اهميت جي يادگيري به آهي جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن جو بنياد مضبوط ڪن ٿا.











