پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس 162803.15 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1171.42 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 162803.15پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 486 ڪمپنين جي 949.35 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 47.58 ارب رپيا هئي. 262 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 176 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 48 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1171.42 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 162803.15پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 486 ڪمپنين جي 949.35 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 47.58 ارب رپيا هئي. 262 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 176 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 48 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 120.05 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 49497.34 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1818.74 پوائنٽس جي اضافو کانپوءِ 234519.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 15.34 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن حيسڪول پيٽروليم جي 119510564 شيئرز، بئنڪ آف پنجاب 81169325 شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 44134622 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. واصل موبيليٽي مضاربه، فرسٽ پنجاب مضاربه ۽ فرسٽ فيڊيليٽي ليزنگ مضاربه سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.