نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي استنبول ۾ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات

استنبول – 03 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ غزه جي صورتحال تي عرب – اسلامي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائيچاري تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران …

استنبول – 03 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ غزه جي صورتحال تي عرب – اسلامي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائيچاري تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه جي صورتحال تي عرب – اسلامي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ ترڪيه جي دوري دوران ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ترڪيه پاران غزه جي معاملي تي وقت سر وزارتي اجلاس جي ميزباني کي ساراهيو. هن چيو ته ان اجلاس فلسطيني عوام سان يڪجهتي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جي حل لاءِ گڏيل عزم ۽ متفقه آواز جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن غزه امن معاهدي جي مڪمل لاڳو خاص طور تي جنگبندي جي احترام، اسرائيل جي والاريل فلسطيني علائقن مان فوري انخلا ۽ فلسطينين کي بنا روڪ انساني امداد جي فراهمي ۽ غزه جي نئين سر تعمير تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن ۾ مثبت رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائيچاري تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں