ملڪ ۾ مڪاني نظام کي آئيني تحفظ ڏيڻ لاءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ قرارداد جمع

پشاور-03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي ملڪ ۾ مڪاني نظام کي آئيني تحفظ ڏيڻ لاءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ اهم قرارداد جمع ڪرائي آهي. هن قرارداد ۾ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم ۽ مقامي حڪومتن کي مڪمل سياسي انتظامي ۽ خودمختياري ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 1973ع جو آئين صوبن کي …

پشاور-03 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي ملڪ ۾ مڪاني نظام کي آئيني تحفظ ڏيڻ لاءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ اهم قرارداد جمع ڪرائي آهي. هن قرارداد ۾ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم ۽ مقامي حڪومتن کي مڪمل سياسي انتظامي ۽ خودمختياري ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 1973ع جو آئين صوبن کي مڪاني حڪومتن جي قيام ۽ اختيارن جي منتقلي جو پابند بڻائي ٿو، جڏهن ته هن وقت تائين هي نظام تسلسل، خودمختياري ۽ وسيلن جي کوٽ جو شڪار رهيو آهي، قرارادد ۾ اهو به چيو ويو ته آهي ته سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي فيصلا مقامي حڪومتن کي رياستي ڍانچي جي لازمي جز قرار ڏنو ويو آهي، پر ان جي بار بار ختم ٿيڻ ۽ غير مستحڪم قانونسازي ان جي موثر ڪردار کي متاثر ڪيو آهي، دستاويز ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ مقامي حڪومتن کي آئيني تحفظ حاصل آهي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم جي سفارش ڪري چڪي آهي ته جيئن وقت سر چونڊون ۽ بهتر حڪمراني کي يقيني بڻائي سگهجي. پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي جي پيش ڪيل قرارداد ۾ آئين ۾ هيٺ ڏنل ترميمن جي تجويز ڏني وئي آهي ته مقامي حڪومتن جي مدي ۽ ذميوارين جي واضح تعريف ڪئي وڃي. مدو پورو ٿيڻ يا ختم ٿيڻ بعد 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ آئيني طور لازمي قرار ڏنو وڃي، چونڊ نتيجن جي اعلان جي 21 ڏينهن اندر نون مڪاني ادارن کي اجلاس گهرائڻ جو پابند بڻائڻ گهرجي، مڪاني ادارن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي خودمختياري ڏني وڃي، مقامي خدمت ڪيڊر جوڙيو وڃي ۽ صوبائي مالياتي ڪميشن کي وفاقي مالياتي ڪميشن سان ڳنڍيو وڃي، مڪاني قانونن ۾ ترميم صرف 2 ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ممڪن ٿئي ته جيئن استحڪام برقرار رهي. قرارداد ۾ آئين ۾ هڪ نئون باب مقامي حڪومتون شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جنهن تحت مڪاني ادارن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وانگر رياستي اداري طور آئيني تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن هو صوبائي حڪومتن جي اثر هيٺ هجڻ بدران حقيقي معنيٰ ۾ خودمختيار، موثر ۽ عوامي خدمتن تي ٻڌل ادارا بڻجي سگهن.

مزید خبریں