ڪوئيٽا-03 نومبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان اڳوڻي وڏي وزير، سينيٽر عبدالقدوس بزنجو ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي امير مولانا عبدالواسع ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي بلوچستان ۾ امن، استحڪام، عوامي ڀلائي ۽ اداري جاتي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. …
بلوچستان جي وڏي وزير سان سينيٽر عبدالقدوس بزنجو ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي امير مولانا عبدالواسع جي ملاقات

مزید خبریں
ڪوئيٽا-03 نومبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان اڳوڻي وڏي وزير، سينيٽر عبدالقدوس بزنجو ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي امير مولانا عبدالواسع ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي بلوچستان ۾ امن، استحڪام، عوامي ڀلائي ۽ اداري جاتي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته بلوچستان جي ترقياتي سفر ۾ سموري سياسي قيادت جو سهڪار ۽ مشاورت اڻٽر آهي. هن چيو ته حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت جي ماحول ۾ صوبي جي بهتر مستقبل لاءِ پر عزم آهي.










