وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي نمل جي ريڪٽر شاهد محمود ڪياني سان ملاقات

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز (نمل) جي ريڪٽر شاهد محمود ڪياني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مارگله اسٽيشن جي پوٽينشل ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل ۾ مارگله اسٽيشن جي اهميت ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي جتي …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز (نمل) جي ريڪٽر شاهد محمود ڪياني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مارگله اسٽيشن جي پوٽينشل ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل ۾ مارگله اسٽيشن جي اهميت ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي جتي جديد دور جا ماڊل ريسٽورنٽس، تزئين ۽ آرائش ۽ عوامي سهولتن جي قيام جي منصوبا بندي جاري آهي. هن چيو ته انهن قدمن سان نه صرف عوام پر نمل جا شاگرد به فائدو کڻندا. ريڪٽر نمل شاهد محمود ڪياني، ريلوي ۾ جاري سڌارن تي ريلوي واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته مارگله اسٽيشن تي ماڊل فوڊ اسٽريٽ جو قيام شاگردن ۽ ويجهي آبادي لاءِ هاڪاري ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ قدم هوندو.

مزید خبریں