اتر وزيرستان جي ڊي پي او جي گاڏي تي دهشتگردن جو حملو، 5 پوليس اهلڪار زخمي

پشاور-03 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي ڊي پي او وقار خان جي گاڏي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. اتر وزيرستان پوليس جي ترجمان مطابق ڊي پي او وقار خان پنهنجي اسڪواڊ سان گڏ اتر وزيرستان کان بنون اچي رهيو هو ته ميران شاهه روڊ ويجهو فلورملز وٽ لِڪي ويٺل هٿياربند دهشتگردن، ڊي …

پشاور-03 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي ڊي پي او وقار خان جي گاڏي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. اتر وزيرستان پوليس جي ترجمان مطابق ڊي پي او وقار خان پنهنجي اسڪواڊ سان گڏ اتر وزيرستان کان بنون اچي رهيو هو ته ميران شاهه روڊ ويجهو فلورملز وٽ لِڪي ويٺل هٿياربند دهشتگردن، ڊي پي او جي قافلي تي فائرنگ ڪئي. دهشتگردن خودڪار ۽ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو، جڏهن ته ڊي پي او ۽ سندس اسڪواڊ دليري ۽ پيشيواراڻي مهارت سان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا ۽ باقي فرار ٿي ويا. واقعي ۾ پوليس جا 5 اهلڪار زخمي ٿيا جن کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي. خوش قسمتي سان ڊي پي او وقار خان ۽ سندس اسڪواڊ وڏي نقصان کان محفوظ رهيا. واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان ۽ ڊي پي او اتر وزيرستان وقار خان، زخمي اهلڪارن سان عيادت ڪئي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان ۽ ڊي پي او وقار خان چيو ته دهشتگردن جا بزدلاڻي حملا اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن. پوليس فورس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر وقت پرعزم آهي ۽ اهڙي هر حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

مزید خبریں