اسان بيانيي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو بيانيو هڪ ڀرپور جواب جي صورت ۾ آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان بيانيي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو بيانيو هڪ ڀرپور جواب جي صورت ۾ آهي، هڪ طرف ڪوڙو بيانيو ڦهلايو ويو جڏهن ته ٻئي طرف واضح حقيقتون دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون، وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري ۾ معاشي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جاري ڪرڻ انتهائي اهم اڳڀرائي …

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان بيانيي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو بيانيو هڪ ڀرپور جواب جي صورت ۾ آهي، هڪ طرف ڪوڙو بيانيو ڦهلايو ويو جڏهن ته ٻئي طرف واضح حقيقتون دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون، وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري ۾ معاشي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جاري ڪرڻ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، هاڻي اسان جو هدف ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جون سفارتي ڪاميابيون“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين کي دنيا تسليم ڪري ٿي، ڪوشش ۽ محنت سان اسان سفارتي محاذ تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سفارتي محاذ تي ڪم ڪندڙن جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته دنيا تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان جي فارن سروس سڀ کان بهترين آهي، اسان جي فارن سروس روايتن کي بهترين طريقي سان اڳتي وڌايو آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي. هن چيو ته فارن سروس جي آفيسرن سدائين پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو آهي، سفارتڪاري هڪ فن آهي جيڪا رڳو سکڻ سان نه پر تجربي ۽ محنت سان اچي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان به پاڪستان کنيو. هن چيو ته مئي 2025ع ۾ پاڪستان تي دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ويو. هن چيو ته پهلگام واقعي جي فوري پوءِ پاڪستان تي الزام هنيو ويو جڏهن ته حقيقت ۾ پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڀارت کي پهلگام واقعي جي آزاداڻي جاچ جي آڇ پڻ ڪئي. هن چيو ته جڏهن دشمن اسان تي جنگ مڙهي ته اسان جي هٿياربند فوج ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ اسان پاڻ کان چنئوڻ تي وڏي طاقت کي شڪست ڏني. هن چيو ته معرڪه حق ۾ اسان جي فضائيه جو ڪردار سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته دوست ملڪن به پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي جڏهن ته سفارتي ڪوششن جي ڪري پوري دنيا کان اسان کي ڀرپور حمايت ملي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت سدائين وانگر جارحيت جو مرتڪب رهيو آهي ۽ اڃا تائين پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ڀارت جي لاءِ جاسوسي ڪندڙ ملاح کي گرفتار ڪيو جنهن ڀارتي ايجنسين جي هٿان استعمال ٿيڻ جي پوري ڪهاڻي دنيا آڏو رکي ڇڏي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيو هو جڏهن ته پاڪستان ۾ ذميواراڻي رپورٽنگ دنيا جو ڌيان حاصل ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان بيانيي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو بيانيو هڪ ڀرپور جواب جي صورت ۾ آهي. هن چيو ته هڪ طرف ڪوڙو بيانيو آهي ۽ ٻئي طرف واضح حقيقتن ڀارت بابت دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. هن چيو ته ڀارت اڃا تائين پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ هر پاڪستاني جو ڳاٽ فخر سان بلند ٿيو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري ۾ معاشي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جاري ڪرڻ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، هاڻي اسان جو هدف ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته سول ۽ عسڪري قيادت ۾ هم آهنگي آهي، انهي جي ڪري ئي پاڪستان هر ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان مضبوط رابطن ۽ واپار جي لاءِ پاڪستاني بندرگاهن جو استعمال اسان جي ترجيح آهي، اسان معاشي ميدان ۾ نئين بلندين تي پهچڻو آهي، دوست ملڪن سان اقتصادي ۽ واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا آهن.

مزید خبریں