گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران افغانستان ۾ زلزلي سبب فوتگين تي ڏک جو اظهار

پشاور -03 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گذريل ڏينهن افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيل فوتگين تي دلي رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. گورنر هائوس پشاور پاران جاري بيان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي زلزلي سبب زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته هو زلزلي سبب فوت ٿي …

پشاور -03 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گذريل ڏينهن افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيل فوتگين تي دلي رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. گورنر هائوس پشاور پاران جاري بيان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي زلزلي سبب زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته هو زلزلي سبب فوت ٿي ويلن تي افغان حڪومت ۽ افغان عوام سان تعزيت ڪري ٿو، ڏک جي ان گهڙي ۾ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته زلزلي سبب متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.