پاڪستان ۽ ترڪيه جي واپار وارن وزيرن جي ملاقات، ٻه طرفه واپار کي هٿي وٺائڻ تي اتفاق

استنبول -03 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسٽينڊنگ ڪميٽي فار اڪنامڪ اينڊ ڪمرشل ڪوآپريشن آف دي آرگنائيزيشن آف دي اسلامڪ ڪو آپريشن (سي او ايم سي اي سي) جي 41هين اجلاس جي موقعي تي استنبول ۾ ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ڀائر ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ …

استنبول -03 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسٽينڊنگ ڪميٽي فار اڪنامڪ اينڊ ڪمرشل ڪوآپريشن آف دي آرگنائيزيشن آف دي اسلامڪ ڪو آپريشن (سي او ايم سي اي سي) جي 41هين اجلاس جي موقعي تي استنبول ۾ ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ڀائر ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون. ترڪيه جي واپار واري وزير  پاڪسان سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ ٻه طرفه اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي پنهنجي حڪومت جي شديد خواهش جو اظهار ڪيو. هن خاطري ڪرائي ته ترڪيه واپاري ڳالهين جي ايندڙ دور دوران پاڪستان جي تجويزن جو سهڻي طريقي سان جائزو وٺندو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پنهنجي ترڪيه جي هم منصب کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت  ۾ پاڪستان حڪومت طرفان ڪارڪردگي، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ نظام ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ڪيترن ئي شعبن ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري لاءِ هڪ اميد ڏيندڙ منزل طور اڀري رهيو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر بولات حلال واپار ۽ لاڳاپيل صنعتن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي 25 نومبر کان استنبول ۾ منعقد ٿيندڙ حلال ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ٻنهي طرفان موجوده شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي ۾ سهڪار لاءِ نوان رستا تلاش ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.