سرڪاري اسڪيم تحت حج 2026ع جي درخواست گذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي شروع

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2026ع تحت درخواست گذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي شروع ٿي وئي آهي جيڪا 15نومبر تائين جاري رهندي، حج بقايائن جي ٻي قسط 6 لک 50 هزار روپيا آهي. ٻي قسط وقت سر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد تصور ڪئي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ اي پي پي کي …

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2026ع تحت درخواست گذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي شروع ٿي وئي آهي جيڪا 15نومبر تائين جاري رهندي، حج بقايائن جي ٻي قسط 6 لک 50 هزار روپيا آهي. ٻي قسط وقت سر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد تصور ڪئي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ اي پي پي کي ٻڌايو ته سرڪاري اسڪيم تحت حج 2026ع جي درخواست گذارن کان بقايائن جي ٻي قسط جي وصولي شروع ڪئي ڪئي آهي ۽ سمورا درخواست گذار حج بقايائن جي ٻي قسط لاڳاپيل بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد حاصل ڪن. ٻي قسط وقت سر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد تصور ڪئي ويندي. آن لائين ادائگي وارا حج پانڌيئڙا اڳوڻو آن لائين پورٽل استعمال ڪري سگهن ٿا. حج 2026ع جا درخواستگذار جيڪي بقايا پهرين جمع ڪرائي چڪا آهن اهي ٻي قسط 3 کان 15 نومبر 2025ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. اهڙا ماڻهو جيڪي مڪه المڪرمه  ۾ ڊبل بيڊ فيملي روم جي اختياري سهولت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهي 2 لک روپيا في ڪس اضافي جمع ڪرائيندا جڏهن ته ٽرپل بيڊ فيملي روم جي اختياري سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ 67 هزار روپيا في ڪس جمع ڪرائڻا پوندا. اهي ٻئي سهولتون صرف مڪي پاڪ ۾ ئي دستياب هونديون. بعد ۾ حج پئڪيج تبديل ڪرڻ ممڪن نه هوندو ان ڪري ٻي قسط جمع ڪرائڻ وقت حتمي پئڪيج جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٻي قسط جمع ڪرائڻ وقت بئنڪ کان دستاويزن جي تصحيح ۽ پئڪيج جي تبديلي صرف شارٽ کان لانگ حج جي حوالي سان ڪرائي سگهجي ٿي. جڏهن ته لانگ کان شارٽ حج پئڪيج جي تبديلي لاءِ بئنڪ ذريعي مذهبي معاملن واري  وزارت ۾ درخواست موڪلڻي پوندي جنهن ۾ رڳو دستيابي جي صورت ۾ ئي ان کي منظور ڪيو ويندو. گروپنگ مسئلا، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جي درستگي لاءِ وزارت جي لاڳاپيل حج آفيسر، انچارج آءِ ٽي سيل کي لکت ۾ درخواست موڪلي سگهجي ٿي. ڪنهن به موقعي تي حج داخلا رد ڪرائڻ جي صورت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت ضابطن مطابق ڪٽوتي جي مجاز هوندي. رد ٿيل درخواستن جي بقيا رقم درخواستگذار جي لاڳاپيل بئنڪ اڪائونٽ ۾ واپس موڪلي ويندي.