واشنگٽن -03 نومبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام لڳايو آهي ته روس، چين ۽ ٻين ملڪن ڳجهي نموني زمين هيٺ ايٽمي تجربا ڪيا آهن جن جي باري ۾ عوام کي ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو ۽ چيو آهي، ته آمريڪا کي به اهڙا تجربا ڪرڻ گهرجن. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس ۽ چين تجربا ڪري رهيا آهن پر هو ان بابت ڪا به …
آمريڪي صدر پاران روس، چين ۽ ٻين ملڪن تي ڳجهي نموني ايٽمي تجربا ڪرڻ جو الزام
واشنگٽن -03 نومبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام لڳايو آهي ته روس، چين ۽ ٻين ملڪن ڳجهي نموني زمين هيٺ ايٽمي تجربا ڪيا آهن جن جي باري ۾ عوام کي ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو ۽ چيو آهي، ته آمريڪا کي به اهڙا تجربا ڪرڻ گهرجن. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس ۽ چين تجربا ڪري رهيا آهن پر هو ان بابت ڪا به ڳالهه نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو نٿا چاهين ته آمريڪا واحد ملڪ هجي جيڪو تجربا نه ڪري. هن اتر ڪوريا کي به انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو جيڪي مبينه طور پنهنجن ايٽمي هٿيارن جا تجربا ڪري رهيا آهن. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا 3 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ پهريون ڀيرو ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ وارو آهي؟ ان تي هن جواب ڏنو ته هائو. منهنجو مطلب آهي ته اسان به ٻين ملڪن وانگر ايٽمي هٿيارن جا تجربا ڪنداسين. ٻئي پاسي آمريڪا جي توانائي واري وزير ڪرس رائيٽ وضاحت ڪئي ته آمريڪا جو اصل ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. سندس موجب جن تجربن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، هو نظامي تجربا آهن، يعني ايٽمي هٿيارن جي باقي سمورن حصن جو جائزو ورتو ويندو آهي ته جيئن اهو يقين ٿي وڃي ته اهي صحيح نموني ڪم ڪري رهيا آهن.








