وينز ويلا جي صدر نڪولس مادورو جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن -03 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته سندس وينز ويلا جي هم منصب نڪولس مادورو جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هن اها ڳالهه آمريڪي ٽي وي چينل سي بي ايس کي انٽرويو دوران چئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ  اها ڳالهه هڪ اهڙي وقت ۾ چئي جڏهن آمريڪا ڪيريبين سمنڊ ۾ وينزويلا جي ويجهو فوجي جٿا مقرر ڪري رهيو آهي ۽ ان مبينه طور تي منشيات …

واشنگٽن -03 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته سندس وينز ويلا جي هم منصب نڪولس مادورو جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هن اها ڳالهه آمريڪي ٽي وي چينل سي بي ايس کي انٽرويو دوران چئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ  اها ڳالهه هڪ اهڙي وقت ۾ چئي جڏهن آمريڪا ڪيريبين سمنڊ ۾ وينزويلا جي ويجهو فوجي جٿا مقرر ڪري رهيو آهي ۽ ان مبينه طور تي منشيات جي اسمگلنگ ڪندڙ جهازن تي ڪيترائي حملا ڪيا جن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن. آمريڪي اختيارين وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو تي منشيات جي اسمگلنگ جا الزام لڳايا آهن جڏهن ته نڪولس مادورو آمريڪا تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته هو ان جي ملڪ جي تيل تي قبضو ڪرڻ لاءِ اتي جي حڪومت جي تبديلي جا بهانا ڳولي رهيو آهي.